2 ڪروڙ ٻارن جا غذائي کوٽ ۽ صاف پاڻي جا مسئلا نبيري بهتر سنڌ ڏينداسين: مراد علي شاهه

0
35
2 ڪروڙ ٻارن جا غذائي کوٽ ۽ صاف پاڻي جا مسئلا نبيري بهتر سنڌ ڏينداسين: مراد علي شاهه
2 ڪروڙ ٻارن جا غذائي کوٽ ۽ صاف پاڻي جا مسئلا نبيري بهتر سنڌ ڏينداسين: مراد علي شاهه

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته اسان ٻوڏ متاثرن لاءِ اهڙا گهر ٺاهي رهيا آهيون جيڪي موسمي تبديلين کي منهن ڏئي سگهن، اسان نيپال جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو آهي. هاڻي ٻوڏ متاثرن لاءِ گهر ٺاهڻ جو پروجيڪٽ دنيا جو سڀ کان وڏو منصوبو بڻجي ويو آهي  2025 تائين هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي ڇت فراهم ڪنداسين ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان يونيسيف پاڪستان پاران آرٽس ڪائونسل ۾   ”مستقبل کي ٻڌو“ جي سري ھيٺ ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ حڪومت  پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو جي ويزن موجب اڳتي وڌي رهي آهي، هن چيو ته سنڌ جي ساڍا پنج ڪروڙ آبادي ۾ ٻه ڪروڙ کان وڌيڪ ٻار آهن جيڪي هڪ مضبوط قوم جو بنياد رکن ٿا، انهن جي صحت، تعليم ۽ مجموعي ترقي اسان جي اجتماعي ترجيح هجڻ گهرجي. اسان ٻارن لاءِ هڪ بهتر دنيا ۽ هڪ بهتر سنڌ ڇڏڻ جو عزم ڪيو آهي. هر ٻار کي روشن مستقبل ڏيارڻ لاءِ مسلسل ڪوششن جي ضرورت آهي. وڏي وزير غذائي کوٽ ۽ پيئڻ جي پاڻي جهڙن مسئلن تي ترت ڌيان ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته انهي ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته سمورن ٻارن جي محفوظ واڌويجهه ٿئي ۽ کين سازگار ماحول تائين رسائي حاصل ٿئي. هن واضح ڪيو ته ٻارن جي حقن جو احترام ڪيو وڃي ته بهتر مستقبل ممڪن آهي.هوڏانهن يونيسيف جي نمائندي عبدالله فاضل ۽ گڏيل قومن جي ريزيڊنٽ ڪوآرڊينيٽر محمد يحيٰ سان ملاقات ۾ وڏي وزير سيد مراد  شاهه چيو  ته هن وقت 13 پوليو ڪيسن سان  سنڌ جا 20 ضلعا پوليو کان متاثر آهن، سنڌ حڪومت صوبي مان پوليو وائرس جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي. هن چيو ته تازن انگن اکرن موجب سنڌ ۾ ٽيسٽ ڪيل ماحولياتي نمونن مان 66 سيڪڙو پوليو وائرس مليو آهي. سنڌ جا ايمرجنسي آپريشن سينٽر ۽ لوڪل هيلٿ ٽيمون پنهنجا وسيلا ڪتب آڻيندي پنجن سالن کان گهٽ ڄمار جي ٻارن کي پوليو وائرس کان بچائڻ لاءِ ٽارگيٽيڊ قدمن ذريعي ڪوششون ڪري رهيون آهن. ھوڏانھن يو اين ايف پي اي جي ريجنل ڊائريڪٽر فار ايشيا اينڊ پيسفڪ پيوسمٿ سان ملاقات ۾ وزيراعليٰ چيوته پاڪستان آبادي ۾ واڌ ۽ ماءُ جي صحت بابت ڪيترن ئي چيلنجن کي منهن ڏئي رهيو آهي. نيشنل انسٽيٽيوٽ آف پاپوليشن اسٽڊيز جي رپورٽ موجب مانع حمل جي شرح (سي پي آر) ۾ 41.4 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. صوبي ۾ 2025 تائين سي پي آر 47 سيڪڙو ۽ 2030 تائين 57 سيڪڙو تائين پهچڻ جو هدف آهي جنهن سان مائرن جي موت جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي.