مستونگ(م ڊ) بلوچستان نيشنل پارٽي (مينگل) پاران مستونگ جي علائقي لڪپاس تي 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ، بي اين پي (مينگل) پنهنجي سياسي تحريڪ کي نئون رخ ڏيڻ جو فيصلو ڪندي مستونگ جي لڪپاس واري علائقي ۾ 20 ڏينهن کان جاري ڌرڻي جي خاتمي جو اعلان ڪيو، پارٽي سربراهه سردار اختر مينگل چيو آهي ته عوام کي درپيش مسئلن کي نظر ۾ رکندي هاڻي ڌرڻي بدران بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ احتجاجي ريليون ڪڍنداسين. هن چيو ته احتجاجي تحريڪ ختم نه ٿي آهي، پر ان کي نئين انداز سان اڳتي وڌايو پيو وڃي، پارٽي جي ايندڙ حڪمت عملي طئي ڪرڻ لاءِ 18 اپريل تي ڪوئيٽا ۾ بي اين پي جي مرڪزي ڪابينا جو اجلاس سڏايو ويو آهي، جتي مستقبل جي حڪمت عملي بابت مشاورت ڪئي ويندي. سردار اختر مينگل اعلان ڪيو ته ڌرڻي جي خاتمي کانپوءِ جماعت نئين مرحلي ۾ احتجاجي جلسن جو سلسلو شروع ڪري رهي آهي، جيڪو ٽن مرحلن تي ٻڌل هوندو. اختر مينگل موجب، پهرين مرحلي ۾ مستونگ، قلات، خضدار ۽ سوراب ۾ احتجاجي جلسا ڪيا ويندا، ٻئي مرحلي ۾ تربت، گوادر ۽ مڪراني پٽي جي ٻين علائقن ۾ احتجاجي سرگرميون جاري رهنديون، جڏهن ته ٽئين مرحلي ۾ نصيرآباد، جعفرآباد، ڊيرا مراد جمالي سميت ٻين ضلعن ۾ جلسا ٿيندا. بي اين پي سربراهه جو چوڻ هو ته رياست پاران سندن پرامن لانگ مارچ ۾ رنڊڪون کڙيون ڪيون ويون، ٻين جماعتن کي احتجاج جي اجازت آهي، پر بي اين پي کي احتجاج جو حق به نه ٿو ڏنو وڃي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته ” ڪشمير لاءِ احتجاج جي اجازت آهي، پر اسان لاءِ نه آهي.“