اسلام آباد : قومي اسيمبلي ۾ ٻٽي شهريت رکندڙ گريڊ 17 کان گريڊ 22 تائين جي  آفيسرن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آھن پيش ڪيل تفصيلن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آھي ته گريڊ 22 جو هڪ، گريڊ 21 جا 2 ، گريڊ 20 جا 5 ، گريڊ 19 جا 10 ۽ گريڊ 18 جا 2 آفيسر ٻٽي شهريت رکندڙ آھن. قومي اسيمبلي جي ميمبر رانا انصار جي سوال جو لکت ۾ جواب پيش ڪندي اسٽبلشمينٽ ڊويزن قومي اسيمبلي کي ٻڌايو آھي ته ڪامرس  وزارت ۾ اسپيشل سيڪريٽري طور ڪم  ڪندڙگريڊ 22 جي آفيسر سارا سعيد کي پاڪستان سان گڏ برطانيا جي به شهريت حاصل آھي اهڙي ريت گريڊ 21 جي ايڊيشنل سيڪريٽري ثمر احسان کي ڪيناڊا ، گريڊ 21 ۾ ايڊيشنل سيڪريٽري طور ڪم ڪندڙ جان محمد کي برطانيا جي به شهريت حاصل آھي جڏهن ته گريڊ 20 جي 5 آفيسرن کي ٻٽي شهريت آھي جن ۾ محمد وشاق، غلام مجتبيٰ جويو  کي آمريڪا،   طلحه احمد فاروقي، زعيم اقبال شيخ برطانيا ۽ شاهد جاويد کي ڪيناڊا جي شهريت به حاصل آھي، گريڊ 19 جا 10 آفيسر ٻٽي شهريت وارا آھن جن ۾  عادل ميمڻ ،عاطف نذير کي آمريڪا، صائمه علي ،سهيل شيخ ، عمران شوڪت ،فواد الدين رياض قريشي ، وقار احمد کي برطانيا ، نديم حسين ، برڪت کوسا ۽ حيدر اشرف کي ڪيناڊا جي شهريت آھي اهڙي ريت گريڊ 18 جي آفيسر رابعه اورنگزيب کي ڪيناڊا ، ۽ جاويد احمد بلوچ کي برطانيا جي شهريت حاصل آھي.