لاهور(اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي اسپيڊ اسٽار شعيب اختر ڀارت خلاف پاڪستان ميچ جي عبرتناڪ شڪست تي پاڪستان ٽيم کي ڇتي تنقيد جونشانو بڻائيندي شاهين، نسيم حارث جي فٽنس تي پڻ سوال اُٿاري ڇڏيا. پنهنجي يوٽيوب چئنل راولپنڊي ايڪسپريس تي هن چيو ته سريلنڪا جو 20 سالن جو بالر دونيٿ ويلالاگي ڀارت خلاف ويڙهه ڪندي نظر آيو، پر پاڪستاني بالر ائين ڪندي نظر نه آيا، شاهين آفريدي، نسيم شاهه ۽ حارث رئوف کي انڊين بيٽسمين ٻار بالر سمجهي ڪٽيندا رهيا، سندس چوڻ هو ته ڀارت خلاف ميچ ۾ ڊونيٿ ويلالاگي چاليهه رنسون ڏئي ڀارت جي ٽاپ آرڊر جون وايون بتال ڪري ڇڏيون ۽ پنج وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته بيٽنگ ۾ 43 رنسون ٺاهيون!.هن چيو ته سريلنڪا ميچ کٽڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪري رهيو آهي