ڪراچي (اسپورٽس نيوز) افرو ايشيا ڪپ ۾ پاڪستاني ۽ ڀارتي ڪرڪيٽرز هڪ ئي ٽيم ۾ کيڏندا، رپورٽس موجب آفريڪا ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن لڳ ڀڳ ٻن ڏهاڪن بعد افرو ايشيا ڪپ کي بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، افرو ايشيا ڪپ ان کان اڳ ٻه ڀيرا 2005 ۽ 2007 ۾ ٿي چڪو آهي، 2005 ۾ پهريون ايڊيشن ڏکڻ آفريڪا ۽ 2007 ۾ ٻيو ايڊيشنل ڀارت ۾ کيڏيو ويو هيو، ٽيون ايڊيشن 2009 ۾ ڪينيا ۾ شيڊول هيو، جيڪو نه ٿي سگهيو هو، ٽورنامينٽ بحال ٿيڻ جي صورت ۾ ايشيائي اليون آفريڪي اليون خلاف کيڏندي، جنهن سان ڀارتي ۽ پاڪستاني ڪرڪيٽرز کي ايشيا اليون ۾ هڪ ئي ٽيم ۾ کيڏڻ جو موقعو ملندو، ماضي ۾ انضمام الحق، ايم ايس ڌوني، محمد يوسف، شعيب اختر ۽ سچن ٽنڊولڪر جهڙا ليجنڊز ايشيا اليون جي نمائندگي ڪري چڪا آهن.