20ميچز: 6 ٽيمون: ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز جي پوزيشن ڪمزور: فائنل 24 جون تي ٿيندو

0
305

ابوظهبي(اسپورٽس ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جو ڇهون ايڊيشن گذريل ڏينهن کان ابوظهبي ۾ شروع ٿي چڪو آهي، ايونٽ ۾ باقي 20 ميچز آهن، جن مان ڪالهه هڪ کيڏي وئي، باقي 19 بچيون آهن، ايونٽ جو فائنل 24 جون تي ٿيندو. 34ميچز مان 14 ٿي چڪيون آهن، رن ريٽ سٺو هجڻ سبب ڪراچي ڪنگز پوائنٽس ٽيبل تي 5 مان 2 ميچز هارائڻ باوجود پهرين نمبر تي آهي. پشاور زلمي 5 ميچز مان ٻن ۾ شڪست کاڌي، پوائنٽس ٽيبل تي ٻئي نمبر تي آهي. اسلام آباد يونائيٽڊ چار ميچز کيڏيون، 3 کٽيون ۽ هڪ ۾ شڪست کائي ٽين نمبر تي آهي. لاهور قلندرز چئن مان 3 ميچز کٽيون، ملتان سلطانز پنج مان هڪ ميچ ۾ شڪست کاڌي، ڪوئيٽا گليڊي ايٽرز5 مان هڪ ميچ کٽي باقي چئن ۾ شڪست کائي چڪي.