ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) تازو 20هين گريڊ ۾ ترقيون ماڻيندڙ 47 ڊاڪٽرن جون مٿين عهدن تي مقرريون، ان ڏس ۾ ڊاڪٽر نفيس حيدر کي پمس نوابشاھ ۾ چيف سپرنٽينڊنٽ ميڊيڪل آفيسر ۽ ڊاڪٽر اتفاق احمد کي لمس ڄامشورو ۾ اي ايم ايس مقرر ڪيو ويو، جڏهن ته ڊاڪٽر سعيد احمد کي چيف سپرنٽينڊنٽ ميڊيڪل آفيسر لطيف آباد اسپتال ۽ نصرالله سومرو کي چيف سپرنٽينڊنٽ ميڊيل آفيسر سول اسپتال سکر مقرر ڪيو ويو.