ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ 2014ع کان ايئرپورٽ تان گم ٿيل ٻن سڳن ڀائرن جي بازيابي بابت داخل ڪيل درخواستن جي ٻڌڻي دوران جي آءِ ٽيز جي سربراهن کي 5 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو آهي، عدالت چيو آهي ته ايندڙ ٻڌڻي تي جي آءِ ٽي سربراهه پيش ٿي اڳڀرائي کان آگاهه ڪن، ڪالهه ٻڌڻي دوران 2014ع کان گم ٿيل شهرين جي عدم بازيابي تي جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪجهه ڪيسز 2014ع کان هلي رهيا آهن، جي آءِ ٽيز ٺهي رهيون آهن پر ڪا اڳڀرائي ناهي، جنهن دوران گم ٿيل ڀائرن جي والده عدالت کي ٻڌايو ته منهنجن پٽن معاذ احمد ۽ طاحه احمد کي ايئرپورٽ تان حراست ۾ ورتو ويو هو، اڄ تائين سندن ڪو پتو ناهي، ايس ايس پي اوڀر چيو ته گم ٿيل ماڻهن بابت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سميت حراستي مرڪزن کي به خط لکيا ويا آهن، رپورٽس اچڻ بعد عدالت کي آگاهه ڪنداسين، حراستي مرڪزن بابت جاچ آفيسرن جي موقف تي اسسٽنٽ اٽارني جنرل وهاب بلوچ اعتراض واريندي چيو ته حراستي مرڪزن بابت پوليس اختيارين کي ڪجهه پتو ناهي، ڄاڻايل ماڻهن بابت رپورٽون ڏئي چڪا آهيون، اهي حراستي مرڪزن ۾ ناهن.