دادو: خوراڪ کاتي جي ذريعن وٽان معلوم ٿيو آهي ته دادو ضلعي جي سرڪاري گودامن مان فوڊ کاتي جي عملدارن ملي ڀڳت ڪري ڪڻڪ جون 2 لک کان وڌيڪ ٻوريون 10 هزار رپيا في ٻوري جي حساب سان بااثر واپارين حوالي ڪري 2 ، ارب رپين جو فراڊ ڪيو آهي جنهن ۾ فوڊ کاتي جا اعليٰ عملدار پڻ ملوث ٻڌايا پيا وڃن ، گودامن مان ڪڻڪ خرد برد ڪرڻ سبب فلور ملز ۽ اٽي چڪي مالڪن کي ڪڻڪ نه ملڻ تي اٽي جو بحران پئيدا ٿيو ۽ اٽو 70 روپين مان وڌي في ڪلو 130 روپين تائين پهچي ويو هو.