ايٿنز (انٽريسٽنگ نيوز) يونان ۾ 2 هزار سال پراڻي هڪ سنگ مر مر جي مجسمي کي ڪچري جي بيگ ۾ هٿ ڪيو ويو آهي، اهو حيران ڪندڙ واقعو يونان جي شهر ٿيسالونيڪي ۾ پيش آيو، جتي 2 هزار سال کان وڌيڪ پراڻي هڪ عورت جي سنگ مر مر جي مجسمي کي ڪچري جي بيگ مان هٿ ڪيو ويو، ڪچري جي بيگ ۾ پيل ان 31 انچ جي وڏي مجسمي جي منڍي غائب هئي، جنهن شخص ان مجسمي کي هٿ ڪيو، ان مقامي عملدارن حوالي ڪري ڇڏيو، عملدارن طرفان آثار قديمه جي مابرن سان رابطو ڪري مجسمي جو تجزيو ڪرايو ويو، پوليس طرفان جاري ڪيل بيان موجب شروعاتي تجزيي مان معلوم ٿيو آهي ته اهو مجسمو هيلينسٽڪ دور جو آهي يعني 320 کان 30 قبل مسيح پراڻو آهي، ان مجسمي کي وڌيڪ تجزيي لاءِ آثار قديمه جي ماهرن کي اماڻيو ويو آهي، جيڪي تحقيق بعد ان کي مقامي عملدارن حوالي ڪندا، پوليس طرفان جاچ ڪئي پئي وڃي ته ڪنهن طرفان مجسمي کي ڪچري ۾ اڇلايو ويو ۽ شڪ ۾ هڪ همراهه کي حراست ۾ ورتو ويو پوءِ آزاد ڪيو ويو، يونان ۾ اهڙي قسم جي حادثي طور نوادرات جي دريافت غير معمولي ناهي، قديم ورثي سان ليس ان ملڪ ۾ اڪثر عمارتن جي تعمير يا ٻين ڪمن دوران قديم آثار ملندا آهن.