بيجنگ/ شينزن(م ڊ) چين ۽ پاڪستان وچ ۾ اليڪٽرانڪس، گهريلو سامان، آءِ ٽي، زراعت، ڀاڻ، چمڙي، معدنيات، دوائن، ٽيڪسٽائلز،سافٽ ويئر، فائبر، موبائلن سميت 32 شعبن ۾ سرمائيڪاري ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ معاهدي تي صحيون ٿي ويون، جڏهن ته چيني ٽيڪنالاجي ڪمپني 2 لک پاڪستاني نوجوانن کي آرٽيفيشنل انٽيليجنس (اي آءِ) جي مفت تربيت ڏيندو. پاڪستان ۾ سيف سٽيز جي قيام، اي گورننس، ڪلائوڊ سروسز ۽ معيشيت جي ڊجيٽائزيشن ۾ به ڀرپور تعاون ڪيو ويندو. وزيراعظم شهبازشريف ڪابينا ميمبرن سان گڏ چين جي شهر شينزن ۾ هواوي هيڊڪوارٽر جو دورو ڪيو، جتي وزيراعظم جو روايتي موسيقي سان استقبال ٿيو، ان دوران وزيراعظم شهباز ۽ هواوي جي چيئرمين ۾ به ملاقات ٿي. جنهن ۾ وزيراعظم چيئرمين هواوي کي پاڪستان جي دوري ۽ سرمائيڪاري جي دعوت ڏني. پاڪ چائنا بزنس فورم کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته ماضي ۾ رهنداسين ته ڪجهه حاصل ڪري نه سگهنداسين، ماضي کي ڇڏي اڳتي وڌنداسين ته ڪاميابي ملي سگهندي. چين ۾ قرض وٺڻ لاءِ نه پر ڪاروبار ۽ ترقيءَ لاءِ آيو آهيان، پاڪستان کي پاڻ ڀرو ڪرڻ لاءِ سموريون توانائيون استعمال ڪنداسين، پاڪستان ۾ چيني شهرين جو تحفظ يقيني بڻايو ويندو، وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪاروبار ۾ آساني پيدا ڪرڻ لاءِ بزنس فورم قائم ڪيو ويو، حڪومت ملڪ مان ڪرپشن جي خاتمي لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي،  وزيراعظم سان چيني ڪمپني ٽرانشيئن هولڊنگز جي باني ۽ چيئرمين به ملاقات ڪئي. جنهن ۾ هن پاڪستان ۾ موبائل فون يونٽ ۾ سرمائيڪاري کي هٿي وٺرائڻ لاءِ خاطري ڪرائي.  سيڙپڪاري بورڊ جي وفاقي وزير عبدالعليم خان ۽ واپاري واري وزير دوري دوران چيني ڪمپنين جي سربراهن سان ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي چيني ڪمپنين پاڪستان سان گڏ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري تي دلچسپي ظاهر ڪئي ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون. وفاقي وزير عبدالعليم خان جو چوڻ هو ته بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪنداسين، حڪومت صرف سهولتڪار آهي، سيڙپڪاري لاءِ بجي شعبي کي مڪمل فري هينڊ ڏينداسين. هن چيو ته توانائي، انفراسٽڪچر ڊويلپمنٽ، فارمنگ، انجنيئرنگ، ڪنسٽرڪشن ۽ لاجسٽڪ جي شعبن ۾ به سيڙپڪاري ٿيندي، سيڙپڪاري لاءِ هوٽلنگ، ٽورازم، ڪلچر، اسپورٽس، گڊز، ٽيڪسٽائل، ڊيڪوريشن انڊسٽري ۽ ايئرپورٽ ڊيزائننگ شامل آهي