ڊي جي خان: راجنپور ۾ سنگسار ٿيل عورت جي حوالي سان ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا آهن، ان ڏس ۾ ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻه سال اڳ به مڙس مقتولا جي ڪردار تي شڪ ڪيو هو ۽ هن ٽانڊن تي گهمي پنهنجي بي ڏوهي ثابت ڪئي هئي. عورت کي ٽانڊن تي گهمايو ويو هو ۽ ان جي پيرن ۾ ڦلوڪڻا نه نڪتا هئا، جنهن کانپوءِ کيس بي ڏوهه سمجهي ڇڏيو ويو هو.