سکر: هلندڙ تعليمي سال دوران سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ سنڌ جي اسڪولن کي گهربل 59 لک 72 هزار ڪتابن جي سيٽن مان رڳو 24 هزار 700 ڪتابن جا سيٽ فراهم ڪري سگهيو آهي، بجيٽ بوڪ مان هٿ ڪيل انگن اکرن موجب ڪتابن جي ڇپائي لاءِ 2 ارب 53 ڪروڙ رپين لڳ ڀڳ رقم مختص ڪئي وئي هئي. اهي ڪتاب سنڌ جي ساڍن 48 لک ٻارن کي فراهم ٿيئڻا هئا،  ذريعن موجب ته رڳو 18 لک ٻارن کي ڪورس فراهم ٿي سگهيو آهي. جڏهن ته فنانس کاتي جي ذريعن موجب ڇپائي ڪندڙ ٺيڪيدارن کي لڳ ڀڳ 98 سيڪڙو رقم ڏئي چڪا آهن. جن پاران وڌيڪ ڪتابن جا سيٽ ڏيڻ کان اهو چئي انڪار ڪيو ته ڊالر جي وڌڻ جي ڪري پني۽ ڇپائي جا اگهه ٻيڻ کان به وڌي وڃڻ سبب اهي ڏنل ريٽ موجب ڪم ڪرڻ کان قاصر آهن. ٻي پاسي شاگردن جا والدين مارڪيٽ ۾ خانگي پبلشرن جا ڇپرايل ڪتاب وٺڻ لاءِ مجبور آهن. ان ڪري سنڌ جي تعليم کاتي پاران وڌيڪ رڳو ارڙهن هزار ڪتابن جي سيٽن جي گهر ڪئي آهي ان مان اندازو ڪري سگهجي ٿو ته 17 لک والدين پاران ڪتاب يا ته مارڪيٽ مان خريد ڪيا آهن يا وري آن لائين تان ڊائونڊ لوڊ ڪري پرنٽ ڪڍرايا آهن ۽ ان طرح لڳ ڀڳ 72 ڪروڙ رپين جا ڪتاب سنڌ ۾ رهندڙ والدين کي خريد ڪرڻا پيا آهن.