لنڊن (انٽريسٽنگ نيوز) ليگو جي لکين ٽڪرن جي سمنڊ مان بازيابي لاءِ وقف ٽيم سمنڊ جي تري مان ليگو شارڪ هٿ ڪئي آهي، جيڪا 1997 ۾ گم ٿي وئي هئي، 1997ع ۾ سمنڊ ۾ ڪريل ليگو جي لکين ٽڪرن جي بازيابي لاءِ وقف پروجيڪٽ جي عملي چيو ته هن سال سوين ٽڪڙا سمنڊ مان مليا آهن، جن ۾ سڀ کان پهرين ليگو شارڪ آهي، ليگو لاسٽ ايٽ سي پروجيڪٽ انهن ليگو بلاڪس جي ڳولا لاءِ وقف آهي، جيڪي 13 فيبروري 1997ع ۾ انگلينڊ جي لينڊ اينڊ ساحل کان 20 ميل پري ٽوڪيو ايڪسپريس ڪارگو جهاز مان ڪنٽينر ۾ بند ڪري پيا هئا، ليگو ڪنٽينر کان سواءِ 62 ڪنٽينرز ٻيا به هئا، جيڪي هن وقت سمنڊ جي نذر ٿي ويا آهن، ليگو جي ڪنٽينر ۾ 4756940 ليگو بلاڪس موجود هئا، ليگو لاسٽ ايٽ سي پروجيڪٽ جي باني، ٽريسي وليمز چيو ته 2024 دوران سوين گم ليگو رانديڪا مليا آهن، جن ۾ ليگو شارڪ پهرين دريافت هئي، 35 سالن جي ماهيگير رچرڊ ويسٽ پينز انس کان لڳ ڀڳ 20 ميل ڏکڻ ۾ پنهنجي هڪ ڄار ۾ شارڪ ليگو هٿ ڪئي، هن بي بي سي کي ٻڌايو ته جڏهن مون کي اها ملي ته مان فورن ٻڌائي سگهان پيو ته اهو ڇا هو، ڇو ته  جڏهن مان ننڍڙو هيس، مون وٽ اهو رانديڪو موجود هو.