لاهور(اسپورٽس نيوز) ڇا هاڻي 1992 واري صورتحال ٿي سگهي ٿي، بابر اعظم عمران خان بڻجي سگهي ٿو، ڇا شاهين شاهه وسيم اڪرم، حارث رئوف عاقب جاويد ۽ شاداب خان ثقلين مشتاق بڻجي سگهن ٿا. ان لاءِ ٽيم کي محنت ۽ هڪ ٿيڻو پوندو. جيڪڏهن ان بابت سوچيو ويو ته ٺيڪ ٻي صورت ۾ 8 نومبر تي فلائيٽ ۾ واپس اچڻو پوندو. پاڪستان ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اهڙا سوال ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي ڪرڪيٽ اڄ جنهن حالت ۾ آهي اها پنهنجي چونڊ جو نتيجو آهي، خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته مون پهرين ئي چئي ڇڏيو هو پاڪستان ورلڊ ڪپ ۾ هنن هنن ٽيمن کان شڪست کائيندو. هيتريون رنسون ٺاهيندو. جنهن جو رڪارڊ به مون وٽ به موجود آهي. افغانستان کان هارائڻ کان ڪا به بري شڪست نه ٿي سگهندي.