تازو 17 مارچ 2025ع تي ڪراچي مان شائع ٿيندڙ انگريزي اخبار ڊان ۾ محسن لغاري جو مضمون “پاڻي تحفظ جو وساريل دڳ” The Forgotten Road Map for Water security ڇپيو آهي. ليکڪ جي چوڻ مطابق ته 1991ع وارو ٺاهه، پاڪستان جي اهم ذريعي (پاڻي) جي ورهاست لاءِ هڪ بهترين ٺاهه هو. اڳتي لکيو اٿس ته ٺاهه جي رڳو شق 2 تي عمل ڪرڻ لاءِ زور ڏيڻ جي ڪري اهو اختلافي ٿي ويو آهي. اهو به لکيو اٿس ته ٺاهه جي شق 7 ،6 ،4 ۽ 14 جيڪي پاڪستان جي پاڻي جي مستقبل جي ضمانت آهن، انهن تي عمل نه ڪرڻ ڪري وڌيڪ مسئلا پيدا ٿيا آهن. ليکڪ جي نظر ۾ شق 6، جنهن ۾ نون ذخيرن ٺاهڻ جو ذڪر آهي، ان تي عمل نه ڪرڻ ڪري پاڻي سمنڊ ۾ وڃي پيو. اچو ته ڏسون مذڪوره مضمون ۾ ڄاڻايل شقن ۾ ڇا آهي.
پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 2:
پاڻي جي ورهائڻ جي مڃيل قاعدن جي روشني ۾ هيٺ ڏنل ورڇ کي تسليم ڪيو ويو.
* پنجاب: 55.94 ملين ايڪڙ فوٽ
* سنڌ: 48.76 ملين ايڪڙ فوٽ
* ڪي پي ڪي: 5.78 ملين ايڪڙ فوٽ
* ڪي پي ڪي سول ڪئنال 3.0 ملين ايڪڙ فوٽ
* بلوچستان: 3.0 ملين ايڪڙ فوٽ
ٺاهه ۾ مڙني صوبن جا خريف ۽ ربيع جا انگ اکر الڳ ڏنل آهن، پر هتي مضمون ۾ گڏيل انگ اکر ڏنا ويا آهن.
پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 6:
سنڌوءَ تي ۽ ٻين دريائن، جتي به مناسب هجي اتي (پاڻي جا) ذخيرا ٺاهڻ جي ضرورت کي مڃيو ۽ سمجهيو ويو.
پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 7:
ڪوٽڙي کان هيٺ هڪ خاص (گهٽ ۾ گهٽ) پاڻي جي مقدار جي ضرورت کي تسليم ڪيو ويو ته جيئن سامونڊي چاڙهه کي روڪي سگهجي. سنڌ جو موقف هو ته گهربل (گهٽ ۾ گهٽ) مقدار ڏهه ملين ايڪڙ فوٽ آهي. ان تي تفصيلي بحث ڪيو ويو، جڏهن ته ٻين تحقيقن/اسٽڊيز ان کان وڌيڪ ۽ گهٽ (مقدار جا) انگ اکر ڏنا آهن. ان ڪري ئي اهو فيصلو ڪيو ويو ته ان لاءِ وڌيڪ اسٽڊيز/تحقيق ڪئي ويندي. جيئن اها ڳالهه قائم ڪري سگهجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڪوٽڙي کان هيٺ ڪيترو پاڻي ڇڏيو وڃي.
پاڻي ٺاهه جي شق نمبر8:
پنهنجي پاڻي جي حصي ۾ رهندي، ڪنهن به صوبي کي نئين پراجيڪٽ ٺاهڻ تي پابندي نه هوندي.
پاڻي ٺاهه جي شق نمبر 14:
(a) واهن جي هر سرشتي جي حساب سان ٽين ڊيليز (ڏهه ڏهاڙن) جي بنياد تي تفصيل ٺاهي، هن معاهدي جو حصو ڪيو ويندو.
(b) 82-1977ع دوران حقيقي پاڻي جي استعمال جي سراسري کي هدايتي انگن اکرن طور استعمال ڪيو ويندو ته جيئن مستقبل لاءِ (پاڻي جي) ريگيوليشن جي نموني/طرز کي قائم ڪيو وڃي. (ان حساب سان ٺهيل/ قائم ڪيل) ڏهه ڏهاڙي/ٽين ڊيليز کي ڏسندي، مختلف واهن جي سرشتي جي ظاهر ڪيل/ ڏيکاريل حصي کي مند (خريف ۽ ربيع) جي لحاظ سان نسبتي حصو ڪڍيو ويندو ۽ ان ئي بنياد تي پوري پاڪستان ۾ واڌو يا گهٽ (پاڻي) ورهايو ويندو.
(c) هاڻوڪي (پاڻي جي) ذخيرن (ڊيمن) کي صوبن جي آبپاشي جي لاءِ ترجيحي طور تي هلايو ويندو.
(d) صوبن کي آزادي هوندي ته هو پنهنجي حصي جي پاڻي جي اندر رهندي (واهن) جي سرشتن جي حساب سان وقت جي ڦيرڦار ڪري سگهن ٿا.
(e) هر قسم جي ڪوشش ڪئي ويندي ته زيان کي روڪيو وڃي. واڌو پاڻي ڪو ٻيو به صوبو استعمال ڪري سگهي ٿو، پر اهو ڪرڻ سان (ان پاڻي تي) ان جو حق قائم نه ٿيندو.
جيئن ته 1991ع وارو صوبن وچ ۾ پاڻي ورهاست وارو ٺاهه انگريزي ۾ لکيل آهي ۽ ان جو ڪو به سرڪاري طرح سنڌي ۾ ترجمو موجود نه آهي، انهيءَ ڪري مون مٿيون ترجمو ٿيل شقون محترم انجنيئر احسان لغاري، جيڪو هن وقت ارسا ۾ سنڌ جو نمائندو آهي، ان جي ڪتاب “گريٽر ٿل ڪئنال کان چولستان تائين” ۾ شامل مذڪوره ٺاهه جي ترجمي تان ورتيون آهن.
محترم محسن لغاري اهو لکيو آهي ته جيڪڏهن ٺاهه جي شق 6 تي عمل ڪيو وڃي ها ته پاڪستان ۾ پاڻي مسئلي کي آسان طريقي سان نباهيو وڃي ها. هتي ڪجهه سوال اڀرن ٿا ته ڇا ملڪ ۾ نوان ذخيرا (ڊيم) نه ٺهي رهيا آهن؟ ٻيو ته، ڇا نون ذخيرن ٺهڻ سان پاڪستان ۾ پاڻي جو مسئلو حل ٿي ويندو؟ وڏن ڊيمن لاءِ بين الا قوامي ڪميشن جي چوڻ مطابق پاڪستان ۾ 15 ميٽر (49 فوٽ) کان مٿي 73 ڊيم ٺهيل آهن. هن وقت به ڀاشا ڊيم، مهمند ڊيم، داسو ڊيم ۽ ڪرم تنگي ڊيم تي ڪم هلي رهيو آهي. مٿين انگن اکرن مان ليکڪ جي اها شڪايت ختم ٿيڻ کپي ته ملڪ ۾ نون ذخيرن تي ڪم نه ٿيو آهي. ايترن سارن ذخيرن ٺهڻ باوجود ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ آهي. ان جو سبب پاڻي ٺاهه تي من و عن عمل نه ڪرڻ آهي. ان جو ٻيو وڏو سبب سنڌ طاس جي دريائن ۾ ايندڙ پاڻي جا غلط انگ اکر ڏيڻ آهي۔ ملڪ ۾ زرعي آبادي بابت جاري ڪيل انگن اکرن ۾ اهو واضح ڏسڻ ۾ اچي ٿو ته پنجاب ۾ هر سال آباد ايراضي ۾ اضافو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ ۾ معاملو ان جي ابتڙ آهي. جيئن ته پنجاب مٿئين ڀر واري ڌر آهي ۽ پاڻي اتان سنڌ ڏانهن اچي ٿو، انهيءَ ڪري هو پنهنجي مرضي ۽ ضرورت مطابق پاڻي کڻي ٿو. پاڻي جي انهيءَ غيرمنصفانه ورهاست کي ٻنجو ڏيڻ لاءِ ڪافي سال اڳ ۾ ماپن جو جديد ٽيليميٽري سسٽم لڳايو ويو هو، پر پنجاب ان کي ناڪام ڪري ڇڏيو. هاڻي وري نئين سري سان ٽيليميٽري سسٽم لڳائڻ جو ڪم شروع آهي، پر پنجاب ان کي مختلف سازشن ذريعي ناڪام ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آهي. مثال طور: سنڌ ۾ سنڌو درياهه تي ٺهيل ٽنهي بئراجن ۽ ان مان نڪرندڙ واهن تي اهو سسٽم لڳائڻ منصوبي ۾ شامل چيو وڃي ٿو. جڏهن ته پنجاب ۾ وري دريائن مان نڪرندڙ بئراجن/مکي واهن تي اهو سسٽم لڳائڻ جي بدران انهن بئراجن/ مکي واهن مان نڪرندڙ شاخن تي لڳائڻ جون ڳالهيون ٿي رهيون آهن. انهيءَ طريقي سان مکي واهن ۾ استعمال يا ضايع ٿيندڙ پاڻي ڪنهن به حساب ۾ نه ايندو. ائين پنجاب فائدي ۾ رهندو. انهيءَ جو واحد علاج اهو آهي ته سنڌ طاس ۾ دريائن مان نڪرندڙ مڙني مکي واهن ۽ لنڪ ڪئنالن جي منڍ تي اهو سسٽم لڳايو وڃي. انهيءَ سسٽم ذريعي حاصل ٿيندڙ ماپون عام ماڻهوءَ جي پهچ ۾ هئڻ گهرجن.
جيستائين نون ذخيرن ٺهڻ ڪري مسئلي حل ٿيڻ جو تعلق آهي ته ان جو جواب نفي ۾ آهي. هن وقت ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم ٺهي رهيا آهن. مهمند ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم جي پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش 1.2 ۽ 8.0 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. جڏهن اهي ٻئي ڊيم تيار ٿي ويندا ته ظاهري طور ملڪ ۾ 9.2 ملين ايڪڙ فوٽ جو واڌو ذخيرو موجود هوندو. پر حقيقت ان جي ابتڙ ڏسڻ ۾ اچي پئي. واپڊا طرفان آگسٽ 2023 ۾ ڪمانڊ ايريا ڊيولپمنٽ ديامير ڀاشا ڊيم نالي دستاويز ۾ اهو واضح ڄاڻايو آهي ته ڀاشا ڊيم مان حاصل ٿيندڙ 6.4 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ملڪي واهن جي کڻت ۾ آيل 6 ملين ايڪڙ فوٽ کوٽ جي پورائي ڪندو. جيڪڏهن واپڊا جي انهن انگن اکرن کي قبول ڪجي ته ان جو مقصد ٿيو ته ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم ٺهڻ سان ملڪي پاڻي ذخيرن ۾ ڪنهن به قسم جي واڌ نه ايندي. انهيءَ کانسواءِ اها به حقيقت آھي ته ملڪ ۾ اڳ ۾ ٺهيل منگلا ۽ تربيلا ڊيم ۾ لٽ ڀرجڻ ڪري انهن ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ جي گنجائش گهٽ ٿي وئي آهي. منگلا ڊيم جي اوچائي وڌائي ان ۾ آيل کوٽ کي پورو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تربيلا ڊيم ۾ آيل گهٽتائي هر سال وڌي رهي آهي. پاڻي سان واسطو رکندڙ ڌرين جو چوڻ آهي ته هن وقت تربيلا ڊيم جي گنجائش ٽيون حصو گهٽجي وئي آهي. جڏهن ڀاشا ڊيم ٺهندو، ان وقت يا ته تربيلا لٽجي چڪو هوندو يا ان ۾ پاڻي صرف نالي ماتر هوندو. اهڙي صورتحال ۾ ڀاشا ڊيم تي اها چوڻي ٺهڪي اچي ٿي ته، “ابو مئو، ادي ڄائي، اسين اوتري جا اوترا”. ملڪي خزاني مان اربين روپيا خرچ ڪرڻ باوجود پاڻي ذخيرن ۾ اضافو ندارد۔
اسانجا دانشور/ليکڪ خبر نه آهي ڇو 1991ع واري پاڻي ٺاهه جي شق 2 تي عمل ڪرڻ لاءِ نون ذخيرن ٺهڻ جو شرط لاڳو ڪن ٿا. جڏهن ته ٺاهه جي ڪنهن به شق ۾ اها ڳالهه لکيل نه آهي. ٻي طرف ٺاهه جي شق 14 (b) ۾ اهو واضح ڄاڻايل آهي ته کوٽ يا واڌ سڄي پاڪستان بنياد تي ورهائي ويندي. ٺاهه جي شق 4 ۾ ٺاهه ۾ ورهايل پاڻي کان وڌيڪ پاڻي ورهائڻ جو طريقيڪار پڻ ڏنل آهي. بين الاقوامي طرح اها مڃيل حقيقت آهي ته سمنڊ ۾ ويندڙ پاڻي زيان نه بلڪه ضرورت آھي. شايد ليکڪ جي نظر مان عالمي بينڪ جي اها رپورٽ نه گذري آهي، جنهن ۾ اهو واضح ڄاڻايل آهي ته ڊيلٽا ۾ پاڻي نه اچڻ ڪري پاڪستان کي هر سال ٻه ارب ڊالرن جو نقصان ٿي رهيو آهي.
اسان جي دانشورن کي نون ڊيمن جي وڪالت ڪرڻ وقت ڊيمن جي انڊس ڊيلٽا تي پوندڙ منفي اثر نظر نٿو اچي۔ سنڌو درياھ تي مٿئين ڀر ٺھندڙ واهن ۽ ڊيمن جي ڊيلٽا تي پوندڙ اثر متعلق ڪجھ حوالا ڏيڻ ضروري سمجھان ٿو۔ ايلس البينا پنھنجي ڪتاب ايمپائرس آف انڊس ۾ لکيو آھي ته سکر بئراج ٺھڻ تي انگريز سرڪار خوش هئي پر ڊيلٽا جو ماڻھو ڏکارو هئو۔ ٻي هنڌ لکيو اٿس ته سينگ علي (تبت) وٽ چين طرفان سنڌو درياھ تي ٺھندڙ ڊيم ڏسي هن کي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا۔ ڇاڪاڻ جو هن سمجھيو ٿي ته سنڌو درياھ موت طرف وڌي رهيو آھي۔ تازو 26 مارچ تي انگريزي اخبار ڊان پنھنجي ايڊيٽوريل ۾ وڏن ڊيمن جي مخالفت ڪئي آهي۔ ساڳئي اخبار ۾ 27 مارچ تي ڊبليو ڊبليو ايف پي جي ڊائريڪٽر جنرل جو بيان ڇپيو آھي، جنھن ۾ هن سنڌو درياھ تي نون ڊيمن ۽ نون ڇھن واهن جي ٺاھڻ جي مخالفت ڪندي سرڪار کي مشورو ڏنو آھي ته ملڪ ۾ وڏا ڊيم يا نوان واھ ٺاهڻ جي بجاءِ دنيا ۾ زراعت لاءِ استعمال ٿيندڙ آبپاشي جا جديد طريقا استعمال ڪجن۔ انهيءَ سان جتي پاڻي جي بچت ٿيندي، اتي زرعي پيداوار ۾ پڻ اضافو ٿيندو۔
ليکڪ جو اهو چوڻ ته جيڪڏهن نوان ذخيرا ٺاهيا وڃن ها ته ملڪ ۾ اها افراتفري نه ٿئي ها. مون مٿي لکيو آهي ته هن وقت تائين ڪيترا نوان ذخيرا ٺهيل آهن ۽ ڪيترن تي ڪم هلي رهيو آهي. ان جي باوجود نون ذخيرن جي ڳالهه ڪرڻ مان ائين لڳي ٿو ته ليکڪ کي ڪالاباغ ڊيم نه ٺهڻ جو افسوس آهي. ڪالاباغ ڊيم جنهن جي ٺاهڻ لاءِ ملڪ جي مڙني حڪومتي سربراهن پنهنجي پنهنجي دور ۾ تمام وڏيون ڪوششون ورتيون هيون، پر هو انهيءَ ۾ ڪامياب نه ٿيا. انهيءَ جو مکي ڪارڻ منهنجي نظر ۾ سنڌ جي عوام جي مخالفانه جدوجهد سان گڏ خيبر پختونخوا جي مخالفت پڻ آهي. خيبر پختونخوا وارن جي حمايت ۾ بلوچستان به شامل رهيو.
تازو ملڪ ۾ ڇهن واهن ٺاهڻ جو جيڪو اعلان ڪيو ويو آهي، انهن واهن ذريعي خاص ڪري پنجاب ۾ اهي زمينون آباد ڪيون وينديون، جن زمينن لاءِ ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو پئي ويو. اهي واهه ڪالاباغ ڊيم کان به وڌيڪ خطرناڪ آهن، ڇاڪاڻ جو انهن واهن ذريعي چولستان رڻ جي ڇاهٺ لک زمين, جلال پور ڪئنال جي ٻه لک ۽ گريٽر ٿل ڪئنال جي ارڙهن لک زمين آباد ڪئي ويندي. انھن واهن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي۔ ڪالا باغ ڊيم خلاف ڪاميابي سان هلايل تحريڪ ۽ مجوزه ڇھن واهن خلاف هلندڙ تحريڪ ۾ هڪ فرق واضع نظر اچي ٿو ته ڪالاباغ جي تحريڪ وقت سنڌ سان خيبر پختونخوا ۽ بلوچستان شريڪ هئا ۽ موجوده وقت ۾ سنڌ اڪيلي آھي۔ انھيءَ ڪري سنڌ ۾ هلندڙ تحريڪ کي پرتشدد ٿيڻ کان بچڻ گھرجي. سنڌ جي ڪاميابي لڳاتار پرامن جدوجھد ۾ آھي۔ خبر نه آهي ته ڇو جڏهن ملڪ جا ٻه صوبا خيبر پختوانخوا ۽ بلوچستان بارود جي ڍڳ تي بيٺا آهن، ان وقت سنڌ جي پرامن ماحول کي هٿ وٺي خراب ڪرڻ ڪٿان جي علقمندي آهي؟ جڏهن فيڊريشن ۾ شامل چئن اڪائين مان ٽن ۾ بيچيني پکڙيل هجي ته پوءِ ڇا ان فيڊريشن/ رياست کي مضبوط چئي سگهجي ٿو؟
اسان کي تاريخ مان سبق پرائڻ گهرجي ته هر مسئلي جو حل طاقت جي استعمال ۾ نه آهي. هن وقت سنڌ جو مطالبو صرف ايترو آهي ته 1991ع واري پاڻي ٺاهه ۾ سنڌ جي زراعت ۽ انڊس ڊيلٽا لاءِ مقرر ڪيل پاڻي کي يقيني بنايو وڃي. جيڪڏهن سنڌ جي انھيءَ مطالبي کي مان نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ عين ممڪن آھي ته سنڌ ۾ پاڻي لاءِ هلندڙ جدوجھد بغاوت ۾ تبديل ٿي وڃي. ان ڪري ملڪ جي وسيع تر مفاد خاطر اهو ضروري آهي ته:
- تڪراري واهن جو اعلان فوري واپس ورتو وڃي. سنڌو درياهه ۽ ان جي ڀرتو ندين تي ڪو به نئون واهه يا ڊيم نه ٺاهيو وڃي.
- 1991ع واري پاڻي ٺاهه تي من و عن عمل ڪيو وڃي. صوبن ۾ پاڻي ورهاست ٺاهه جي شق 2 تحت ڪئي وڃي.
- دريائي وهڪرن جي ماپ جي صحيح انگن اکرن جي ڄاڻ لاءِ ماپن جو جديد ٽيليميٽري سسٽم دريائن مان نڪرندڙ تمام واهن/لنڪ ڪئنالن جي منڍ تي لڳايو وڃي. انھن ماپن جي عام ماڻھوءَ تائين رسائي کي يقيني بنايو وڃي۔
- 1991ع کان وٺي، اڄ تائين سنڌ طاس ۾ آيل پاڻي جي آڊٽ غيرجانبدار ماهرن کان ڪرائي وڃي ته جيئن خبر پوي ته ڪيترو پاڻي آهي ۽ ڪهڙو صوبو ڪيترو پاڻي استعمال ڪري رهيو آهي.
- انڊس ڊيلٽا کي زندهه رکڻ لاءِ عالمي ماهرن جي رپورٽ تي عمل ڪيو وڃي.