اسلام آباد: ايم ڪيو ايم بنگالين کي پاڪستان جي شهريت ڏيڻ جو بل پيش ڪري ڇڏيو. ايم اين اي خواجه اظهار الحسن ٻه بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيا. پهريون بل پاڪستان سٽيزنشپ ايڪٽ ترميمي بل 2025ع آهي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڪو به شخص يا سندس والدين اڳوڻي اوڀر پاڪستان ۾ پيدا ٿيا يا اوڀر پاڪستان جي ڌار ٿيڻ کانپوءِ 1982ع کان پهرين پاڪستان آيا انهن کي شهريت ڏني ويندي. ٻيو بل ڪرمنل قانون ۾ترميم جو آهي جنهن ۾ فون کسڻ ۽ ڦر جي واردان کي سزا قابل بڻائڻ جو چيو ويو آهي.