انساني تاريخ جي وڏي حصي ۾ صرف حڪمرانن ۽ فاتح قومن جو موقف پيش ڪيو ويو آھي ۽ اھم تاريخي واقعن کي حڪمران ٽولن جي مفادن پٽاندر تنگ نظري سان پيش ڪيو ويو آھي. جيڪي واقعا اسان جي حياتي دوران ٿين ٿا، اسين انهن کي به پنهنجي سماجي لاڳاپن، ميڊيا جي پروپئگنڊا، سياسي واسطن ۽ نظرين جي عينڪ سان ڏسندا آھيون. 1965ع واري پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٿيل جنگ جي وقت آئون پرائمري اسڪول جو شاگرد ھئس، پر روز رات جو مصطفيٰ قريشي جو حيدرآباد ريڊيو تي نشر ٿيندڙ پروگرام “جام جم کولي ڇڏيو دشمن جو ڀرم” جو پروگرام ٻڌڻ کان پوءِ لڳندو ھو ته ڄڻ پاڪستاني فوج تڪڙو ڪشمير فتح ڪري وٺندي ۽ پاڪستان جي ھوائي فوج ڀارت جا سمورا ھوائي جھاز ھڪ ٻن ڏينهن ۾ تباھه ڪري ڇڌيندي. ساڳيون ڳالھيون اسڪول ۾ استاد ۽ دوست ڪندا ھئا. خاص طرح ايم ايم عالم ۽ نور خان جي ھوائي جھازن جا ڪارناما سڀني جي وات تي ھوندا ھئا ۽ ائين لڳي رھيو ھو ته ڄڻ ڀارت تڪڙو شڪست کائي ھٿيار ڦٽا ڪندو. پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ بندي کان پوءِ ماڻھن ۾ مايوسي پکڙجي وئي ته اسان جي فوجن ڪشمير فتح ڇو نه ڪيو! انهيءَ جي ڪري صدر ايوب خان خلاف نفرت وڌڻ لڳي. 10 جنوري 1966ع تي تاشقند معاھدو ٿيو، جنهن تي پرڏيھي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، جيڪو تاشقند ۾ ايوب خان سان گڏ ميٽنگ ۾ شريڪ ھو، معاھدي جي مخالفت ڪئي ۽ واپسي ۾ عھدي تان استعيفا ڏئي معاھدي ۾ ايوب خان تي ڪشمير دشمن ڳجهين شقن جو الزام ھنيو ۽ ايوب خان خلاف عوامي نفرت کي ڪيش ڪرائي پنهنجي سياست جو آغاز ڪيو. دلچسپ ڳالھ اھا آھي ته عمران خان به اسٽيبليشمنٽ ۽ پي ڊي ايم حڪومت خلاف آمريڪي سائفر جو بيانيو ٺاھيو، جيڪو پاڪستان جي 8 فيبروري 2024ع واري اليڪشن ۾ پي ٽي آئي جي پنجاب ۽ خيبر پختونخوا ۾ ڪاميابي جو سبب بڻيو. انهن واقعن جي باري ۾ پاڪستان مان رٽائرڊ ڪاموري قدرت الله شهاب ۽ ڀارت مان نامور صحافي ڪلديپ نائر پنهنجي آتم ڪٿائن ۾ انهن واقعن جو اکين ڏٺو احوال ڇپايو آھي. اھي ٻئي ڪتاب تاشقند معاھدي تي ڪافي تفصيلي روشني وجهن ٿا ۽ حڪومتي موقفن کان الڳ ۽ وڌيڪ غير جانبدار آھن.
ڀارت ۽ پاڪستان جي 6 سيپٽمبر 1965ع واري جنگ 17 ڏينهن کان پوءِ بنا ڪنهن نتيجي جي 23 سيپٽمبر تي بند ٿي وئي. ڀارتي وزير اعظم شاستري، سندس عوام کي انهيءَ جو سبب آمريڪا ڄاڻايو ته اسان جنگ آمريڪا جي چوڻ تي بند ڪئي آھي، ڇاڪاڻ ته ڀارت جي خوراڪ ۽ معاشي امداد جو دارومدار آمريڪا تي آھي. پاڪستان به آمريڪي ھٿيارن جي رسد بند ٿيڻ ۽ ھٿيارن جي کوٽ کي سبب ڄاڻايو.
تاشقند معاھدي جي لاءِ ڀارت ۽ پاڪستان کي ڳالھين جي ٽيبل تي ويھارڻ وارو روسي وزير اعظم ڪوسيجن ھو، ڇاڪاڻ ته شاستري، آمريڪي صدر جانسن کي فوري طرح ٺاھ جي ڳالھين ڪرڻ کان معذرت ڪئي ھئي. سوويت يونين جي وزير اعظم ڪوسيجن صدر ايوب خان کي سياسي ڳالھين ڪرڻ سان گڏوگڏ کيس ذاتي طرح تاشقند جو پلاءُ گڏجي کائڻ جي خاص دعوت ڏني. ڀارتي وزير اعظم شاستري کي، جيڪو وشنو ھو، ان کي تاشقند جي تاريخي عمارتن ڏسڻ جي دعوت ڏني. صدر ايوب خان کي سندس صلاحڪارن مشورو ڏنو ھو ته توھان شرڪت جي لاءِ اڳواٽ ‘ھا’ ڪندا ته شاستري ۽ ڀارتي حڪومت شرڪت کان انڪار ڪندي ۽ نتيجي ۾ روس ۽ ڀارت جا تعلقات خراب ٿيندا. پر ڀارتي وزير اعظم پرڏيھي وزارت جي مخالفت جي باوجود شرڪت لاءِ ھامي ڀري ڇڏي. انهيءَ ڪانفرنس ۾ شريڪ صحافي ڪلديپ نائر جي چوڻ مطابق لال بهادر شاستري کي شڪ ھو ته سندس وزير خزانا ڪرشنا اچاري تاشقند ۾ ٿيندڙ ڪنهن به قسم جي ٺاھ جي مخالفت ڪندو، انهيءَ جي لاءِ ھن کيس اڳواٽ وزارت مان ڪڍي پنهنجي سرڪاري وفد سان گڏ ٻن ھوائي جھازن ۾ سمورين رياستن مان نامور صحافي وٺي آيو، جيئن ڀارت جي عوام کي معاھدي بابت حقيقي صورتحال جي خبر پئجي سگهي.
پاڪ- ڀارت جنگ کان پوءِ، 3 جنوري 1966ع تي، پاڪستان جو صدر فيلڊ مارشل ايوب خان پنهنجي 16 رڪني وفد سان گڏ، روس جي جمهوريه ازبڪستان جي گادي واري شهر تاشقند پهتو هو. هن جي وفد ۾ پرڏيهي وزير ذوالفقار علي ڀٽو، اطلاعات ۽ نشريات جو وزير خواجا شهاب الدين، ۽ واپار جي وزير غلام فاروق سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدار شامل هئا. ساڳئي ڏينهن، ڀارت جو وزير اعظم لال بہادر شاستري پڻ پرڏيھي وزير سورن سنگھ ۽ ٻين سان گڏ تاشقند پهچي ويو. انهن ٻنهي رياستي سربراهن جي تاشقند اچڻ جو مقصد اهو هو ته سيپٽمبر 1965ع جي جنگ کان پوءِ جيڪي اختلاف پيدا ٿيا هئا، انهن کي ختم ڪيو وڃي ۽ جن علائقن تي قبضا ٿيا آھن، اھي خالي ڪيا وڃن. سوويت يونين جي حڪومت هنن ڳالهين ۾ ٽياڪڙيءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي هئي.
پاڪستان ۽ ڀارت جون اهي تاريخي ڳالهيون ستن ڏينهن تائين جاري رهيون. ان دوران ڪيترائي ڀيرا ڳالهين ۾ وقفو آيو، ڇاڪاڻ ته ڀارت جي وزير اعظم شاستري هنن ڳالهين ۾ ڪشمير جي ذڪر کي شامل ڪرڻ کان صاف انڪار ڪيو هو. هن جي نظر ۾ اهو مسئلو طئي ٿيل هو ۽ هي ڳالهيون صرف انهن مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٿي رهيون هيون، جيڪي جنگ سبب پيدا ٿيا هئا. ٻئي پاسي، پاڪستاني وفد جو خيال هو ته اهڙين حالتن ۾ هي ڳالهيون بي مقصد هونديون، ۽ پاڪستاني وفد کي بنا ڪنهن معاهدي جي واپس هليو وڃڻ گهرجي.
قدرت الله شهاب پنهنجي ڪتاب “شهاب نامو” ۾ ۽ ڀارت جو صحافي ڪلديپ نائر سندس آتم ڪٿا “ھڪ زندگي ڪافي نه آھي” ۾ لکن ٿا ته شايد روسي وزير اعظم جي ذاتي دٻاءُ جي ڪري شاستري ڪافي حد تائين سندس موقف تبديل ڪيو، ۽ پاڪستاني وفد کي هن ڳالهين ۾ ڪشمير جو نالو وٺڻ ۽ ان تي بحث ڪرڻ جي اجازت ملي وئي، پر ڀارتي وزير اعظم جو رويو بدستور سخت رهيو. هن جي نظر ۾ اهو مسئلو طئي ٿي چڪو هو ۽ هاڻي ان کي ٻيهر اٿارڻ جي ڪا ضرورت نه هئي. پاڪستان جي پرڏيهي وزير مسٽر ڀُٽي جو خيال هو ته اهڙين حالتن ۾ هي ڳالهيون بي مقصد هونديون، ۽ پاڪستاني وفد کي بنا ڪنهن معاهدي جي واپس هليو وڃڻ گهرجي. شروع ۾ صدر ايوب پڻ انهيءَ موقف سان متفق هو، پر روسي وزير اعظم مسٽر ڪوسيجن صدر ايوب خان سان ڪجھ انفرادي ملاقاتون ڪري، ان تي اهڙو اثر ڇڏيو، جو ھن جو رويو ڊرامائي طور تي بدلجي ويو، ۽ هو ٻئي اوچتو انهيءَ ڳالهه جا حامي ٿي ويا ته ڪنهن معاهدي تي صحي ڪرڻ کان سواءِ اسان کي تاشقند مان واپس وڃڻ نه ٿو جڳائي.
سوويت يونين جي وزير اعظم ڪوسيجن جي ذاتي ڪوششن، صدر ايوب خان ۽ شاستري جي اڪيلائي ۾ ٿيل ملاقاتن مان کانپوءِ 10 جنوري تي معاھدي تي صحي ٿي. انهيءَ رات تاشقند ۾ وزير اعظم ڪوسيجن جي دعوت ۾ ڳالھين جي ڪاميابي جو وڏو جشن ملهايو ويو.
11 جنوري 1966ع تي، جڏهن پاڪستاني وفد جا ميمبر ستن ڏينهن جي ڊگهين ڳالهين جي نتيجي ۾ تاشقند معاهدي تي صحيون ڪرڻ کان پوءِ پنهنجن پنهنجن ڪمرن ۾ سمهي رهيا هئا، ته اوچتو کين ننڊ مان اٿاري ٻڌايو ويو ته ڀارت جو وزير اعظم لال بہادر شاستري دل جو دورو پوڻ سبب ديهانت ڪري ويو آهي.
قدرت الله شهاب لکي ٿو ته، “ڳالهين دوران ڪنهن نڪتي تي مسٽر ڀُٽي، صدر ايوب کي ڪنهن مشوري ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ايوب خان اوچتو ڪاوڙ ۾ مسٽر ڀُٽي کي اردوءَ ۾ دڙڪو ڏيندي چيو، “بڪواس بند ڪر”. مسٽر ڀُٽي نرمي سان احتجاج ڪندي چيو، “سر، توهان اهو نه وساريو ته روسي وفد ۾ ڪو نه ڪو اردو ڄاڻندڙ ضرور موجود هوندو.“ قدرت الله شهاب جي چوڻ مطابق ڀُٽي وزير اعظم ڪوسيجن جي صدر ايوب سان ٿيل اڪيلائي وارين ملاقاتن کي استعمال ڪيو ۽ صدر ايوب جي خلاف پروپيگنڊا شروع ڪئي ته تاشقند معاهدي ۾ ڪجھ اهڙا معاملا به آهن، جيڪي اڃا تائين ڳجها آهن، ۽ هو جلد ئي انهن کي وائکو ڪندو.
ڪلديپ نائر مطابق لال بهادر شاستري آخري ڏينهن تي ڪوسيجن جي دعوت ۾ بيمار پئي لڳو. ھن جي چوڻ آھي ته رات جي ماني کانپوءِ جڏهن هوٽل تي واپس پھچي گھروارن سان هن ڳالھايو ته سڀئي مٿس سخت ناراض ھئا ته ڪشمير ۾ قبضي هيٺ آيل علائقا خالي ڪرڻ جي ڳالھ اوھان ڇو مڃي آھي. شاستري جي اسسٽنٽ مطابق، انهيءَ فون کان پوءِ شاستري سخت پريشان ھو. ان کان پوءِ کيس ٻن ٽن ڪلاڪن ۾ دل جو دورو پيو ۽ هو فوت ٿي ويو. شاستري جي گھر وارن جو چوڻ ھو ته جڏھن کين لاش آخري رسمن لاءِ ڏنو ويو ته اھو سڄو نيرو ھو ۽ ڪجھ زخمن جا به نشان ھئا. ڪلديپ نائر ۽ ٻيا صحافي انهيءَ تي به حيران ھئا ته لاش جو نه روس ۾ ۽ نه ئي وري ڀارت ۾ پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. شاستري جي خاندان جو شڪ ھو ته لال بهادر شاستري کي سندس اسٽاف مان ڪنهن زھر ڏئي ماريو ھو. انهيءَ ۾ چيو ويو ته ڀارت جو تاشقند وارين ڳالھين ۾ شريڪ پرڏيھي وزارت سان تعلق رکندڙ ٽي اين ڪول انهيءَ سازش ۾شريڪ ھو. ڪلديپ نائر سندس ڪتاب ۾ لکيو آھي ته، “برطانيا جي سفير ٿيڻ کان پوءِ مون ذاتي ڪوشش وٺي تاشقند جي دستاويزن کي پڙتال ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ته خبر پئي اھي ڪاغذ ساڙيا ويا آھن ۽ ھاڻي انهن جو ڪوبه رڪارڊ موجود ڪونه آھي”. سندس چوڻ مطابق 2009ع ۾ ھن پرڏيھي وزارت کان گھربل ڪاغذ گهريا ته سيڪريٽ ايڪٽ جي نالي ۾ کيس ڪاغذ ڪونه ڏيکاريا ويا. سازش ڪنهن ڪئي؟ ڇو ڪئي؟ جي سوالن جا ته جواب ڪونه آھن، پر شاستري جي مرڻ جو فائدو ڀارت ۾ اندرا گانڌيءَ کي ٿيو، جنهن روس سان پنهنجا تعلقات وڌيڪ مضبوط ڪيا. پاڪستان ۾ تاشقند معاھدي جي مخالفت مان فائدو ڀُٽي ورتو، جيڪو مغربي پاڪستان جو وڏو سياسي ليڊر ٿي اڀريو. پاڪستاني حڪومت 1962ع ۾ ڀارت تي چين جي حملي وقت ڪشمير جي جنگ کٽي سگهي ٿي، 1965ع جي جنگ ۾ پاڪستان ڪا وڏي ڪاميابي حاصل نه ڪئي ۽ 1971ع جي ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستان اوڀر پاڪستان وڃايو. ھاڻي پاڪستان جي معاشي حالت اھڙي آھي جو ڪابه جنگ ته پري، پنهنجي ملڪ جي ڌاڙيلن ۽ دھشتگردن سان به مقابلو ڪري ڪونه ٿو سگهي.