برلن (انٽرسٽنگ نيوز) نازي حڪمران اڊولف هٽلر جي 1945ع ۾ گم ٿيل گهڙي نيلام ڪئي وئي آهي. سال 1945 ۾ فرانس جي 30 فوجين هٽلر جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو هو  ۽ هو اها گهڙي هڪ نشاني طور پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا. جرمني جي نازي حڪمران اڊولف هٽلر جي استعمال هيٺ گهڙي 11 لک ڊالر ۾ وڪرو ڪئي وئي آهي. پرڏيهي خابرو اداري موجب نازين جي نشان ( سواستيڪا ) واري گهڙي آمريڪا جي رياست ميري لينڊ جي  اليگزينڊر هسٽروريڪل آڪشنز ۾ ٿيل نيلامي ۾ هڪ اڻڄاتل شخص 11 لک ڊالر ۾ خريد ڪئي. پرڏيهي ميڊيا موجب هٽلر جي گهڙي جي نيلامي جي حوالي سان 20 لک کان 40 لک ڊالر جو ڪاٿو لڳايو ويو هو پر گهڙي رڳو 11 لک ڊالرز ۾ وڪرو ٿي. هن گهڙي بابت چيو ويندو آهي ته اها گهڙي 1933 ۾ جرمني جي چانسلر بڻجڻ بعد اڊولف هٽلر کي سندس سالگرهه جي تحفي طور ڏني وئي هئي. نيلام گهر ۾ گهڙي بابت رکيل تفصيل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جڏهن1945 ۾ فرانس جي 30 فوجين هٽلر جي رهائشگاهه تي حملو ڪيو هو ته اها گهڙي هڪ نشاني طور پاڻ سان گڏ کڻي ويا هئا، جنهن بعد ان گهڙي بابت افواهه آهن ته اها ڪيئي دفعا نيلام ڪئي وئي آهي جيڪا ڪيئي نسلن کان ٿيندي هتي پهتي آهي.