لاهور(م ڊ) پنجاب جي وڏي وزير پرويز الاهي جي صلاحڪار ڊاڪٽر زين علي چيو ته پرويز الاهي کي 190 ميمبرن جي حمايت حاصل آهي، هو گورنر جي چوڻ تي اعتماد جو ووٽ نه وٺندو پر اجلاس نئين سر سڏايو ويندو ته پوءِ ووٽ وٺندو. پي ڊي ايم جيترا به حربا استعمال ڪري اسان عمران جو ساٿ نه ڇڏينداسين.