اسلام آباد  (بيورو ) اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊز جي القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پراپرٽي ٽائيڪون ملڪ رياض، فرح گوگي، شهزاد اڪبر ۽ زلفي بخاري سميت شريڪ 6 جوابدارن کي اشتهاري ڏوهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. رپورٽ موجب جوابدارن کي اشتهاري ڏيڻ جي ڪارروائي هڪ مهينو اڳ شروع  ڪئي وئي هئي جنهن ۾ انهن جا گرفتاري وارنٽ به جاري ڪيا ويا هئا. ڪالهه ٻڌڻي جي شروعات تي جاچ آفيسر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وارنٽ تي عمل نه ٿي سگهيو آهي جنهن کان پوءِ عدالت طرفان ملڪ رياض، سندس پٽ علي رياض ملڪ، فرحت شهزادي عرف فرح گوگي، ضياءُالاسلام، شهزاد اڪبر ۽ ذلفي بخاري کي اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. جوابدار ملڪ رياض حاضري کان ڇوٽ ۽ وڊيو لنڪ ذريعي حاضري بابت 2 ڌار ڌار درخواستون به داخل ڪيون پر جوابدار طرفان داخل ڪيل ٻنهي درخواستن کي رد ڪيو ويو.