190ملين پائونڊ ڪيس ۾ پي ٽي آءِ باني کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7سال قيد جي سزا، احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 190ملين پائونڊ ريفرنس جو فيصلو ٻڌايو، ڏوهه ثابت ٿيڻ تي پي ٽي آءِ باني کي 14 سال ۽ بشريٰ بي بي کي 7سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، پي ٽي آءِ باني تي 10 لک رپيا ۽ بشريٰ بي بي 5 لک رپيا ڏنڊ به لاڳو، احتساب عدالت چيو آهي ته ڏنڊ جي رقم ادا نه ڪرڻ تي پي ٽي آءِ باني وڌيڪ 6 مهينا ۽ بشريٰ بي وڌيڪ 3 مهينا قيد ڪاٽيندي، احتساب عدالت جو القادر يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو به حڪم، فيصلي کان اڳ بشريٰ بي عدالت پهتي، پي ٽي آءِ باني کي به پيش ڪيو ويو، پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر، عليمه خان، شعيب شاهين، سلمان اڪرم راجا ۽ ٻيا وڪيل به اڊيالا جيل اندر موجود هئا، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف القادر يونيورسٽي سان لاڳاپيل 190 ملين پائونڊ جي ريفرنس جي ٻڌڻي هڪ سال ۾ مڪمل ٿي، ڪيس جون 100 کان وڌيڪ ٻڌڻيون ٿيون، عدالت 18 ڊسمبر 2024ع تي فيصلو محفوظ ڪيو هو، 3 ڀيرا فيصلي جي تاريخ ملتوي ڪئي هئي، پي ٽي آءِ باني تي الزام هو ته هن ڳجهي معاهدي کي پنهنجي اثر رسوخ سان وفاقي ڪابينا مان منظور ڪرايو، اڳوڻي صلاحڪار شهزاد اڪبر 6 ڊسمبر 2019ع تي نيشنل ڪرائم ايجنسي سان معاهدي تي صحيح ڪئي، بشريٰ بي بي تي پي ٽي آءِ باني جي غيرقانوني سرگرمين ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ جو الزام هو