اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد جي احتساب عدالت 190 ملين پائونڊز ڪيس ۾ اڳوڻي وزير اعظم عمران خان کي 14 سال سخت پورهئي سان قيد ۽ 10 لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي. سندس گهرواري بشريٰ بي بي کي به ست سال قيد ۽ پنج لک رپيا ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي. القادر يونيورسٽي کي سرڪاري تحويل ۾ وٺڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. عدالتي حڪم بعد بشريٰ بي بي کي گرفتار ڪيو ويو. احتساب عدالت جي جج ناصر جاويد رانا 18 ڊسمبر تي محفوظ ڪيل فيصلو اڊيالا جيل ۾ ٻڌايو. فيصلي ٻڌائڻ وقت باني تحريڪ انصاف ۽ ان جي گهرواري عدالتي ڪمري ۾ موجود هئا. 148 صفحن تي مشتمل فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي ڪرپٽ پريڪٽسز ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال سزا ڏني وئي، بشريٰ بي بي کي غيرقانوني سرگرمين ۾ ملوث هجڻ تي سزا ٻڌائي وئي آهي، ڪيس جي ٻڌڻي دوران استغاثه پاران جيڪي گواهه پيش ڪيا ويا، جوابدارن جي وڪيلن انهن گواهن جي بيانن کي ڪوڙو ثابت نه ڪري سگهيا. فيصلي مطابق استغاثه جو ڪيس بنياي طور تي دستاويزي ثبوتن تحت ٺاهيو ويو هو جنهن کي ناقابل ترديد شاهدين جي مدد سان عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف ڪاميابي سان ٺوس ۽ جامع انداز ۾ ثابت ڪيو ويو. فيصلي ۾ چيو ويو ته چند گواهن کي ڊگهي جرح کي منهن ڏيڻو پيو.. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پراسيڪيوشن شاهدين ۾ ڪجهه تضاد موجود ٿي سگهن ٿا. جيڪي وائٽ ڪالر ڏوهه ۾ فطري هوندا آهن. 190 ملين پائونڊ ڪيس جو فيصلو پهريان 23 ڊسمبر پوءِ 6 جنوري ۽ 13 جنوري تي ٻڌائڻ جي تاريخ ڏني وئي. پر انهن ٽنهي تاريخن تي فيصلو نه ٻڌايو ويو.احتساب عدالت 190 ملين پائونڊ ريفرنس تي لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ بدعنواني ۽ ڪرپشن جو ڏوهاري قرار ڏنو ويو، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته پي ٽي آءِ باني کي نيب آرڊيننس 1999 تحت ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو، بشريٰ بي بي کي ڪرپشن ۾ سهولتڪاري ۽ مدد تي ڏوهاري قرار ڏنو وڃي ٿو، ٻنهي جوابدارن کي 4 مارچ 2021ع تي ڊونيشن قبوليت جي دستاويز تي صحيون ڪرڻ جا نتيجا ڀوڳڻا پوندا، ڪيس جو گهڻو دارومدار دستاويزي ثبوتن تي آهي، شاهدين جي جواب ۾ جوابدارن جا وڪيل بچاءَ نه ڪري سگهيا، عدالت موجب القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ پراسيڪيوشن پنهنجو ڪيس ثابت ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. جڏهن ته سزا ملڻ بعد بشريٰ بي بي عدالتي ڪمري مان ئي گرفتار ڪري اڊيالا جيل ۾ عورتن جي بيرڪ ۾ منتقل ڪيو ويو، طبي معائنو مڪمل ڪيو ويو، جيل ۾ بشريٰ بي بي کي گهربل سامان ۽ دوائون مهيا ڪيون ويون.