اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ احتساب عدالت کي پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي بريت جي درخواستن تي ٻيهر فيصلو ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي جي درخواستن تي ٻڌڻي چيف جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب هلائي، درخواستگذارن جي وڪيل استدعا ڪئي ته احتساب عدالت کي هدايت ڪئي وڃي ته ٻن هفتن ۾ اسان جي درخواست تي فيصلو ڪري، پراسيڪيوٽر امجد پرويز چيو ته حتمي مرحلي تي بريت جي درخواست آئي ته سپريم ڪورٽ چيو فيصلي سان گڏ ٽرائل ڪورٽ به ان کي ڏسي، جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن ٽرائل ڪورٽ مان بريت جي درخواست خارج ٿي وڃي ٿي ته پوءِ هي ڄاڻين ۽ هنن جا مسئلا ڄاڻين. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڪيس جو فيصلو ٻڌائڻ کان روڪڻ وارو منع نامو ختم ڪري ڇڏيو.