اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نيب جي ٽيم 190ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کان جاچ لاءِ اڊيالا جيل پهچي وئي، جيل ذريعن موجب ٽيم ۾ ميان عمر نديم، عاصم منير، پراسيڪيوٽرز روح الامين ۽ هارون بلوچ شامل آهن. ذريعن موجب جاچ کانپوءِ ڌرين کي ٻيهر ٻُڌو ويندو، گذريل ڏينهن نيب ٽيم پي ٽي آءِ چيئرمين کي ان ڪيس ۾ به گرفتار ڪيو هو.