اسلام آباد جي احتساب عدالت توشه خانه ۽ 190 ملين پائونڊ اسڪينڊل ڪيس ۾ بشريٰ بي بي جي ضمانت ۾ 15 نومبر تائين واڌ ڪري ڇڏي
پي ٽي آءِ چيئرمين جي گهر واري بشريٰ بي بي پنهنجي وڪيل نعيم پنجوٿا سان گڏ جج محمد بشير جي عدالت آڏو پيش ٿي
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته بشريٰ بي بي ٽيون ڀيرو ضمانت جي درخواست داخل ڪرائي آهي، نيب چيو هو ته بشريٰ بي بي جي گرفتاري گهربل نه آهي
وڪيل نعيم پنجوٿا چيو ته بشريٰ بي بي کي گهٽ ۾ گهٽ نوٽيس ته اڳ ۾ ڏنو وڃي، مريم نواز کي لاهور هاءِ ڪورٽ پهرين ڊائريڪشن ڏني هئي، نيب نواز شريف جي ڪيسن ۾ بنا دعوت جي بيان ڏئي ٿو، ان ئي نيب 9 مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي اغوا ڪيو هو
نيب پراسيڪيوٽر چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي اغوا نه پر قانون موجب گرفتار ڪيو ويو هو، عدالت ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جج محمد بشير چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي بشريٰ بي بي ڀلي نه اچي، سندس وڪيل ئي اچي وڃي