18 آڪٽوبر جو جلسو پاڪستان جي ماڻهن تي قرض آهي

0
106
18 آڪٽوبر جو جلسو پاڪستان جي ماڻهن تي قرض آهي

 اڄ کان 15 سال اڳ 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ۾ هڪ عظيم الشان جلسو منعقد ٿيڻو هو، پر اهو جلسو نه ٿيڻ ڏنو ويو. ان ڏينهن اهو جلسو ٿي وڃي ها ته نه رڳو آسمان هڪ ڀيرو ٻيهر اهو منظر ڏسي ها، جيڪو انساني تاريخ جا وهڪرا تبديل ڪري ڇڏي ها پر اڄ پاڪستان جو سياسي منظر نامو به هي نه هجي ها، جيڪو هن وقت آهي. جيڪڏهن پاڪستان جي ماڻهن کي پنهنجي تقدير جو فيصلو پاڻ کي ڪرڻو آهي ته پوءِ 18 آڪٽوبر وارو جلسو انهن تي قرض آهي.

                 ان ڏينهن ڪراچي ۾ ماڻهن جو سمنڊ اٿلي پيو هو. محترمه بينظير ڀٽو 8 سالن جي جلاوطني بعد وطن واپس آئي هئي. ڪراچي ايئرپورٽ جي چئني طرفن کان سمورين شاهراهن ۽ رستن تي ميلن تائين رڳو انساني سر نظر اچي رهيا هئا. محترمه جي استقبال جي لاءِ ملڪ جي ٻين حصن مان ايندڙ قافلن کي ڪراچي جهڙي وڏي ۽ ويڪري شهر ۾ داخل ٿيڻ جو رستو نه پيو ملي. آجيان واري جلوس کي باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح جي مزار تي پهچڻو هو ۽ اتي ئي جلسو ٿيڻو هو. دنيا اهو ڏسڻ چاهي پئي ته قائداعظم جي مزار جي چوڌاري رستن جي سوڙهه شدت سان محسوس ٿي رهي هئي. سڀ قافلن کي جلسي گاهه پهچڻو هو. اسان رڳو اهو تصور ڪري سگهون پيا ته جلسي گاهه جو منظر ڇا هوندو پر اهي قافلا ڪڏهن جلسي گاهه نه پهچي سگهيا، ڇو ته آجيان وارن قافلن تي ڪارساز واري هنڌ دهشتگردن بمن سان حملو ڪري ڇڏيو هو. دهشتگردي جي ان وحشياڻي ۽ سفاڪاڻي ڪارروائي ۾ 179 ماڻهو مارجي ويا ۽ 600 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. ڏسندي ئي ڏسندي ماڻهن جو اهو سمنڊ اکين کان گم ٿي ويو.

محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي ڪتاب “مفاهمت” ۾ لکي ٿي ته “مان پاڻ سان گڏ پنهنجي هن ڪتاب جو مسودو به آندو هو. ڌماڪي ۾ ان مسودي جا ورق وکري ويا ۽ رت سان ڀرجي ويا.” ان جو مطلب اهو آهي ته عالمي ۽ ملڪي اسٽيبلشمينٽ کي عوامي طاقت تي مفاهمت ڪرڻ قبول نه هو. 18 آڪٽوبر 2007ع تي ڪراچي ۾ جيترا ماڻهو جمع ٿيا، ان جي پاڪستان جي اقتداري حلقا يا عالمي اسٽيبلشمينٽ اميد نه ڪري رهيا هئا. ايتري تائين جو پاڻ محترمه بينظير ڀٽو کي به ايڏي وڏي عوامي استقبال جو اندازو نه هو. اهو ميڙ توڙي جو پرامن هو پر پنهنجي سياسي جوهر ۾ “پرو اسٽيبلشمينٽ” نه هو. ان جو سبب اهو آهي ته اهڙي وڏي اجتماع جي منصوبابندي اقتداري حلقن طرفان نه ٿي هئي. تاريخ جا وهڪرا بدلائيندڙ اهڙي عوامي طاقت آڏو هٿيار ڦٽي ڪرڻ کان اڳ ئي دهشتگردي جو هٿيار استعمال ڪيو ويو ۽ ان عوامي طاقت کي ذرا پرزا ڪيو ويو. 18 ۽ 19 آڪٽوبر 2007ع جي وچ واري رات 2 وڳي بم ڌماڪن کان اڳ ڪراچي جي شاهراهن تي انساني سمنڊ وهي رهيو هو ۽ بم ڌماڪن جي ڪجهه دير بعد ڪراچي ۾خاموشي  جو عالم هو، ڄڻ هتي نه ته ڪي ماڻهو رهندا آهن ۽ نه ئي هتي پوري ملڪ کان لکين ماڻهو آيا هئا. ايئن لڳي رهيو هو ڄڻ اسٽيبلشمينٽ جي آشيرواد وارين ساڄي ڌر جي سياسي ۽ مذهبي قوتن جي لاءِ ميدان خالي ڪيو ويو آهي.18 آڪٽوبر واري سانحي بعد ڪا ترقي پسند، لبرل ۽ روشن خيال سياسي جماعت پاڪستان ۾ ڪو وڏو جلسو ڪوٺائي سگهي ۽ نه ئي ڪنهن وڏي سياسي طاقت جو مظاهرو ڪري سگهي. خوف ۽ دهشت جي اهڙي فضا پيدا ڪئي وئي جو ماڻهو انهن سياسي جماعتن جي جلسن ۾ وڃڻ کان گهٻرائڻ لڳا، جن سياسي جماعتن جي باري ۾ انهن کي معلوم ٿيندو هو ته اهي دهشتگردن جي نشاني تي آهن. ان سانحي بعد به محترمه بينظير ڀٽو چونڊ جلسا ڪوٺائڻ جي ڪوشش ڪئي ته 27 ڊسمبر 2007ع تي راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ هڪ ٻي دهشتگردي جي ڪارروائي ۾ کيس قتل ڪيو ويو ۽ پوءِ من پسند سياسي ۽ مذهبي قوتن جي لاءِ رستو صاف ڪيو ويو.ست سالن بعد 18 آڪٽوبر 2014ع تي ڪراچي ۾ قائداعظم جي مزار تي ئي بلاول ڀٽو زرداري هڪ عام جلسو ته ڪوٺايو پر 18 آڪٽوبر 2007ع جهڙو عام جلسو پوءِ به نه ٿي سگهيو. 18 آڪٽوبر سانحي بعد تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان وڏا وڏا جلسا ڪيا، لانگ مارچ به ڪيا ۽ ڌرڻا به هنيا پر عمران خان جي عوامي طاقت ان سياسي جوهر کان محروم هئي، جيڪو 18 آڪٽوبر 2007ع جي ميڙ ۾ هو. عمران خان جي جلسن ۾ اهي ماڻهو هوندا هئا، جن کي غير سياسي بڻائڻ لاءِ پاڪستان جي اقتداري حلقن ڊگهي منصوبابندي ڪئي ۽ عمران خان جي ان عوامي طاقت تي پاڪستان جي اقتداري حلقن کي ڪوئي اعتراض ناهي هوندو پر خوشي ٿيندي آهي. ان جي ابتڙ 18 آڪٽوبر 2007ع جي جلسي ۾ اهي ماڻهو شامل هئا، جن جي ذهنن ۾ بغاوت هئي. هاڻي شايد انهن ماڻهن سان پيپلز پارٽي به پنهنجو اهو رشتو برقرار ناهي رکي سگهي.

اڄ 15 سالن بعد هڪ ڀيرو ٻيهر 11 آڪٽوبر 2022ع تي سوات ۾ هڪ اهڙو ئي عوامي اجتماع ڏسڻ لاءِ مليو، جيڪو نه رڳو پاڪستان جي اقتداري حلقن جي اميدن جي ابتڙ هو پر انهن جي مرضي جي به خلاف هو. اهو عوامي اجتماع به پنهنجي جوهر ۾ اهڙو ئي هو، جهڙو 18 آڪٽوبر جو عوامي اجتماع هو. سوات جي 11 آڪٽوبر جي عوامي اجتماع ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهن شرڪت ڪئي پر انهن جو انگ ڪراچي جي 18 آڪٽوبر واري عوامي اجتماع کان گهٽ هو. سوات جي 11 آڪٽوبر جي عوامي اجتماع ۾ رڳو اتي جا مقامي ماڻهو شريڪ هئا جڏهن ته ڪراچي جي 18 آڪٽوبر واري عوامي اجتماع ۾ سڄي ملڪ مان ماڻهو شريڪ ٿيا، پر سوات جي عوامي اجتماع ۾ شريڪ ماڻهو اصل مسئلو سمجهي چڪا آهن ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ دهشتگردي ڪري ڪهڙن ماڻهن لاءِ ميدان خالي ڪيو ويو هو. سوات جا ماڻهو 18 آڪٽوبر سانحي جي پٺيان مقصدن کي پوري طرح سمجهي چڪا آهن ۽ اهي پوري پاڪستان کي چتاءُ ڏئي رهيا آهن ته پاڪستان ۾ ترقي پسند جمهوري قوتن کي هڪ طرف ڌڪي انتهاپسندن کي مسلط ڪيو پيو وڃي. هاڻي پاڪستان جي عوام تي قرض آهي ته اهي سوات جي ماڻهن سان سڏ ۾ سڏ ملائين ۽ 2007ع ۾ 18 آڪٽوبر جو جيڪو جلسو نه ٿي سگهيو هو، اهو جلسو ڪوٺائين. ان کانسواءِ پاڪستان جي سياسي تاريخ جو وهڪرو نه بدلجندو ۽ ماڻهو پنهنجي تقدير جا فيصلا پاڻ نه ڪري سگهندا.