اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان کي درپيش آئيني چئلينجز ۽ 18هين آئيني ترميم تي عملدرآمد جي سلسلي ۾ پاڪستان جي سموري پارلياماني قيادت گڏجي ويهڻ جو فيصلو ڪري ورتو. آئيني ۽ پارلياماني معاملن تي بحث لاءِ ٽن ڏينهن واري اسپيڪر ڪانفرنس 18 ڊسمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. ڪانفرنس ۾ قومي اسيمبلي جو اسپيڪر سردار اياز صادق، سينيٽ چيئرمين يوسف رضا گيلاني، چئني صوبن، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جا اسپيڪر شرڪت ڪندا. اسپيڪرز ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ 18هين آئيني ترميم تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويندو. دهشتگردي، پوليو ۽ ماحولياتي چئلينجن کي منهن ڏيڻ تي به مشاورت ڪئي ويندي. اجلاس ۾ بلن جي منظوري لاءِ مقرر مدي بابت به  مشاورت ڪئي ويندي، پارليامينٽ کي فعال ادارو بڻائڻ، پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي حڪمن تي لازمي عمل بابت به مشاورت ڪئي ويندي، سمورين اسيمبلين جي ميمبرن ۽ عملي لاءِ برابر مراعتون ۽ انڪم ٽيڪس کان ڇوٽ واري سنڌ اسيمبليءَ جي تجويز به ايجنڊا جو حصو آهي.