اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ايندڙ مالي سال جي بجيٽ جي منظوري لاءِ وفاقي ڪابينا جو خصوصي اجلاس اڄ طلب ويو آهي. رپورٽ موجب وفاقي ڪابينا ايندڙ مالي سال لاءِ بجيٽ جون تجويزون منظور ڪندي ۽ فنانس بل جي منظوري وٺي قومي اسيمبلي ۾ بجيٽ پيش ڪئي ويندي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پنشن ۾ واڌ بابت تجويزن جي حتمي منظوري به وفاقي ڪابينا پاران ڏني ويندي. سرڪاري ملازمن جي پگهارن ۾ 10 سيڪڙو واڌ جي تجويز ڏني وئي آهي، جڏهن ته رٽائرڊ ملازمن جي پنشن ۾ 5 کان 7 سيڪڙو تائين اضافي جي تجويز غور هيٺ آهي. ان سان گڏ دفاعي بجيٽ ۾ 18 سيڪڙو واڌ جو به امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. جڏهن ته وفاقي بجيٽ اڄ 10 جون تي قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪئي ويندي، اسپيڪر وفاقي بجيٽ لاءِ قومي اسيمبلي جي شيڊول جي منظوري ڏئي ڇڏي، اياز صادق چيو آهي ته 13 جون کان بجيٽ تي بحث شروع ٿيندو، پارلياماني پارٽين کي قائدن ۽ ضابطن موجب بحث لاءِ وقت ڏنو ويندو، وفاقي بجيٽ تي بحث 21 جون تي ختم ٿيندو، 23 جون تي بجيٽ جي مختص ضروري خرچن تي بحث ٿيندو، 24 ۽ 25 جون تي ڊمانڊز، گرانٽس، ڪٽوتي تي بحث ۽ ووٽنگ ٿيندي، 26 جون تي قومي اسيمبلي مان فنانس بل منظور ٿيندو، 27 جون تي سپليمينٽري گرانٽس سميت ٻين معاملن تي بحث ۽ ووٽنگ ٿيندي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت مال سال 2025-26ع لاءِ 17600 ارب جي بجيٽ پيش ڪندي، بجيٽ خساري جو حدف 6200 ارب رکيو ويو آهي.ذريعن موجب بجيٽ ۾ مجموعي آمدني جو 19400 ارب ڪاٿو لڳايو ويو آهي، ايف بي آر ذريعي ٽيڪس وصولي جو حدف 14130 رپيا مقرر ڪيو ويو آهي، قرضن جي ادائگي لاءِ 6200 ارب خرچ هوندو جيڪو بجيٽ خساري جي برابر آهي، پگهارن ۾ 10 سيڪڙو ۽ پينشن ۾ 5 کان ساڍا 7 سيڪڙو اضافي جي تجويز غور هيٺ آهي، ذريعن موجب تعليم ۽ صحت لاءِ فنڊز گهٽ رکيا ويا آهن، تعليم لاءِ صرف 13 ارب 58 ڪروڙ، صحت لاءِ 14 ارب 30 ڪروڙ رکڻ جي تجويز آهي، ڊجيٽل معيشت ۽ آءِ ٽي سيڪٽر لاءِ 16 ارب 22 ڪروڙ رکڻ جو امڪان آهي.