ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪاليج ايجوڪيشن کاتي پاران 1700ليڪچرارن جي ڀرتين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي رڪيوزيشن موڪلڻ ۽ ڪاليجن  ۾ انگلش  لينگويج ليب قائم ڪرڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري عبدالعليم لاشاري جي صدارت ھيٺ ٿيل گڏجاڻي ۾ ڪاليجن ۾ نصابي ۽ ھم نصابي سرگرمين جو جائزو وٺندي 1700 نون ليڪچرارن جي آسامين لاءِ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي رڪيوزيشن موڪلڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز عبدالعليم لاشاري چيو ته ڪاليجن کي ماھوار اڪيڊمڪ پلان لاڳو ڪرائڻ جو پابند ڪيو وڃي، جڏهن ته ڊجيٽل لائبريرين ۾ انگلش لينگويج ليب پڻ قائم ڪيون وينديون، گڏجاڻي ۾ ڪاليجن جي انٽرنل آڊٽ ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاليجي استادن جا رڪيورٽمينٽ رولز فوري طور منظور ڪرائي 20 سيڪڙو سڌيون ڀرتيون ڪيون وينديون، آئينده ڪاليجن ۾ تدريسي ۽ غير تدريسي عملو ۽ بجيٽ داخلا (انرولمينٽ) جي حساب سان رکي ويندي، اجلاس ۾ ڊي پي ايز ۽ لائبريرين کي فور ٽيئر ڏيڻ بابت  ڊي جي ڪاليجز کان تجويزون طلب ڪيون ويون،