سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) لطيف يونيورسٽيءَ جي ايسوسئيٽ پروفيسر ڊاڪٽر محمد طارق ڀٽيءَ پاران ٻه سرڪاري نوڪريون ڪرڻ وارو معاملو، ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ليڪچرر محمد طارق ڀٽيءَ کي معطل ڪري ڇڏيو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي ۾ 17 ھين گريڊ جي ليڪچرار محمد طارق ڀٽيءَ جي معطليءَ جو نوٽيفڪيشن جاري، شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر طرفان به الزام ھيٺ آيل طارق ڀٽيءَ کي ڊپارٽمينٽ جي انچارج واري عھدي تان ھٽائي انڪوائري ڪاميٽي تشڪيل ڏئي 15 ڏينھن اندر رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. تفصيل موجب شاھ عبداللطيف يونيورسٽيءَ خيرپور ۾ ايسوسئيٽ پروفيسر طور ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽر طارق ڀٽيءَ مٿان ساڳي ئي ڊپارٽمينٽ ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور ڪم ڪندڙ زاھد حسين سھتو طرفان الزام لڳايو ويو ھو ته طارق ڀٽي ھڪ ئي وقت ٻه سرڪاري نوڪريون ڪري رھيو آھي. گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي ۾ 17ھين گريڊ جي ليڪچرر ۽ لطيف يونيورسٽيءَ ۾ 20ھين گريڊ جي ايسوسئيٽ پروفيسر ٽيچرز ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جو انچارج آھي. اھڙي شڪايت بعد يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل ابوپوٽو طرفان الزام ھيٺ آيل محمد طارق ڀٽيءَ کان ٽيچرس ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ جي چارج واپس وٺي اسسٽنٽ پروفيسر فردوس بگٽيءَ حوالي ڪري ڇڏي آھي. جڏھن  ته معاملي جي انڪوائريءَ لاءِ ڊين فيڪلٽي آف لا ايڊووڪيٽ شاھد حسين قريشيءَ جي سربراهيءَ ۾ ڪاميٽي جوڙي وئي آھي. ڄاڻايل انڪوائري ڪاميٽيءَ کي 15 ڏينھن اندر جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آھي. ھوڏانھن ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ گورنمينٽ آف سنڌ ليڪچرر محمد طارق ڀٽيءَ کي معطل ڪري ڇڏيو، گورنمينٽ ڊگري ڪاليج مديجي ۾ 17ھين گريڊ جي ليڪچرار محمد طارق ڀٽيءَ کي معطل ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي.