نئين دهلي(انٽريسٽنگ نيوز) هندستاني رياست مهاراشٽرا ۾ 160 ڪلو وزني پيرسن عورت بيڊ تان ڪري پئي، کيس اٿارڻ لاءِ ريسڪيو اهلڪارن کي گهرائڻو پئجي ويو. ڀارتي ميڊيا موجب عورت جي عمر 62 سال آهي ۽ بيماري ڪري سندس وزن تمام گهڻو وڌي ويو آهي. کيس چرپر ڪرڻ ۾ مشڪلاتون هيون. عورت کي گهر ۾ موجود ماڻهن اٿارڻ جي ڪوشش ڪئي پر وزن گهڻو هجڻ ڪري ان کي اٿاري نه سگهيا، جنهن بعد ريسڪيو اهلڪارن کان مدد گهري وئي فائر ڊپارٽمينٽ پهچي وئي.  ٻڍڙي عورت کي اٿاري ٻيهر بيڊ تي ليٽايو ويو خوشقسمتي سان عورت کي ڪو به ڌڪ وغيره نه لڳو.