ڪراچي/ڪنڌڪوٽ/غوثپور (نمائندن وٽان) ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني ۽ 16 مغوين جي بازيابي لاءِ 7 ڏينهن به بک هڙتال، غوثپور ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي سڏ تي شٽربند هڙتال، ڌار ڌار ريليون، ڌرڻا، خبر موجب ڪنڌڪوٽ ۾ جماعت اسلامي جي سڏ تي اغوا ٿي ويل 3 سالا معصوم محمد عظيم ميڻڪ، 2 سالن جي ڪوثر کوسو، 10 سالا واجب گولو سميت 16 مغوين جي بازيابي لاءِ گهنٽاگهر چوڪ وٽ 7هين ڏينهن به بک هڙتال جاري رکي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن غلام مصطفيٰ ميراڻي، نصرالله عزيز چنا، عبدالغني بجاراڻي، ظريت بجاراڻي ۽ ٻين چيو ته احتجاج کي 7 ڏينهن ٿي ويا آهن پر پوليس اڃا تائين مغوين کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، هنن چيو ته مغوين جي آزادي تائين جدوجهد جاري رهندي، هوڏانهن غوثپور ۾ 6 مغوين عبدالرشيد ملڪ، نور الدين بھلڪاڻي، انور ڪوري، عبدالغفور جعفري، عبدالرحيم اوڳاھي ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ شهرين، سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين جي سڏ تي شٽربند ھڙتال ڪري مختيار اوڳاھي، عبدالرشيد اوڳاھي، صفي لاشاري، اڪبر اوڳاھي، غالب ملڪ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڌار ڌار ريليون ڪڍي ڌرڻا هنيا ويا، هنن چيو ته ڌاڙيل مغوين جا تشدد جھڙا ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري وارثن کان ڪروڙين روپيا ڀنگ گهري رهيا آهن، ٻئي پاسي مغوي نورالدين بھلڪاڻي جي بازيابي لاءِ بھلڪاڻي برادي جو ڳوٺ خاوند بخش بھلڪاڻي ۾ ڪٺ ٿيو، ڪراچي ۾ اغوا ٿيل معصوم محمد عظيم ميڻڪ جي بازيابي لاءِ پريس ڪلب اڳيان مظاهروڪيو ويو، جنهن کي سيد مقدر شاهه، دانش شاهه، عبدالرزاق ميڻڪ ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ڪشمور ضلعي ۾پوليس جي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، ضلعي مان 16 ماڻهو اغوا ڪيا ويا آهن، هنن چيو ته مسڪين ماڻهن وٽ ويلو کائڻ لاءِ ناهي، ڌاڙيلن کي لکين رپيا ڀنگ ڪٿان ڏيندا.