شڪارپور: ڌرين ۾ ڇڪتاڻ جو سبب 16 جريب زمين ماڇي ڌر تي ثابت ٿي، جنهن جي قيمت ڏيڻ لاءِ ماڇي ڌر جي ماڻھن ھام ڀري پر عطراڻي ڌر جي ماڻھن ماپ ڪري زمين واپس ڪرڻ جو چيو، جنهن بعد سرپئنچ خونن ۽ زخمين جي ڏنڊ کي برابر ڪري ماڇي ڌر تي 16 لک رپيا ۽ 16 جريب زمين ڏيڻ جو پابند ڪيو، زمين پھريان ماپ ڪري عطراڻي ڌر کي ڏيڻ بعد 16 لک رپيا مختلف قسطن ۾ ادا ڪيا ويندا.