ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي جسٽس صلاح الدين پنھور تي ٻڌل سنگل بينچ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي سنڌ ۾ 1500کان وڌيڪ ليڪچرارن جي ڀرتين واري عمل ۾ آءِ بي اي سکر کي شامل ڪرڻ وارو حڪم واپس وٺندي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ڄاڻايل جاين تي اميدوارن کان لکت توڙي زباني امتحان وٺڻ واري عمل کي مڪمل طور شفاف بڻائڻ لاءِ سخت اپاءُ وٺڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ، سنڌ جي ڪاليجن ۾ ڀرتين ۽ تعليمي سڌارن بابت داخل ڪيل درخواست جي ٻڌڻي دوران سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين نور محمد جادماڻي، ڪنٽرولر ھادي بخش ڪلھوڙو، اڳوڻو سيڪريٽري جاويد صبغت اللھ مھر ۽ موجوده سيڪريٽري سيد عطاءُ الله شاھ، ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جو ايڊيشنل سيڪريٽري فقير محمد لاکو، اسڪول ايجوڪيشن جو اسپيشل سيڪريٽري آصف ميمڻ، قانون واري کاتي جو ڊپٽي سيڪريٽري جاويد خواجا، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جو لا آفيسر محمد يوسف علوي ۽ ٻيا پيش ٿيا، ان موقعي تي سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين نور محمد جادماڻي ۽ ٻين عدالت کي يقين ڏياريندي چيو تھ ليڪچرارن جي ڀرتين کي شفاف بڻائڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي عمل ڪرايو ويندو. ڀرتين لاءِ ابتدائي مرحلو مڪمل ٿي چڪو آھي، ھن وقت آءِ بي سکر ۽ ٻين کي امتحان واري عمل ۾ شامل ڪرڻ ممڪن ناھي، جنھن تي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن پاران ليڪچرارن جي ڀرتي واري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ عدالتي حڪمن تي سختي سان عمل ڪرائڻ بابت يقين ڏيارڻ تي سندن خلاف توھين عدالت واري درخواست پڻ رد ڪري ڇڏي. عدالت پنھنجي لکت واري حڪم ۾ سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي ليڪچرارن جي ڀرتي لاءِ لکت توڙي زباني امتحان وٺڻ واري سموري عمل کي شفاف بڻائڻ جي سختي سان هدايت ڪندي چيو آھي ته اميدوارن جي لکت واري امتحان جي جوابي ڪاپين جي اسڪيننگ ڪرڻ توڙي اميدوارن کان زباني امتحان (انٽرويو) وٺڻ واري سموري ڪارروائي جي ويڊيو رڪارڊنگ ڪئي وڃي ته جيئن شفافيت کي يقيني بڻائي سگھجي. عدالت ڪاليج ايجوڪيشن کاتي جي سيڪريٽري کي آءِ بي اي ڪراچي ۽ سکر سميت سرڪاري ۽ خانگي ادارن جي تعليمي ماھرن ۽ سبجيڪٽ اسپيشلسٽس کي پڻ نامزد ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي. عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين نور محمد جادماڻي ۽ ٻين کي ليڪچرار جي ڀرتين لاءِ امتحان کي شفاف بڻائڻ لاء ذاتي طور نگراني ڪرڻ لاءِ پابند ڪيو آھي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ذريعي ليڪچرارن جي ڀرتي واري عمل کي شفاف بڻائڻ لاءِ آءِ بي اي سکر کي شامل ڪرڻ بابت داخل درخواستون اڪلائيندي عدالت چيو آھي ته سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ڄاڻايل امتحانن کي قانون، قاعدن ۽ سپريم ڪورٽ جي فيصلي مطابق شفاف بڻائڻ لاءِ يقين ڏياريو آھي، جنھن ڪري ٻئي اداري کي شامل ڪرڻ جي ضرورت ناھي. عدالت ڪميشن جي چيئرمين توڙي ڪاليج ايجوڪيشن جي سيڪريٽري ۽ ٻين آفيسرن کي ذاتي طور حاضري کان به آجو قرار ڏيندي ڪيس جي ٻڌڻي 13 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي آھي. واضح رھي تھ سنڌ ھاءِ ڪورٽ گذريل ٻڌڻي تي ليڪچرارن جي ڀرتي لاءِ اميدوارن کان ٽيسٽ پيپر آءِ بي اي سکر ذريعي تيار ڪرڻ ۽ 100 سوالن تي ٻڌل پيپر تيار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو ،جنھن تي عمل نه ٿيڻ تي عدالت سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي چيئرمين ۽ ٻين کي توھين عدالت جو شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ذاتي طور طلب ڪري ورتو ھو.