15 سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ مسافرن کي ٽڪيٽ جاري نه ٿيندا: پاڪستان ريلوي

0
292
ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ مسافرن
15 سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ مسافرن کي ٽڪيٽ جاري نه ٿيندا: پاڪستان ريلوي

ڪراچي: اين سي او سي جي تازين هدايتن تحت ريلوي جي ترجمان چيو آهي ته ٽرينون ايس او پيز تحت 70 سيڪڙو مسافرن سان سفر ڪنديون، 15 سيپٽمبر کانپوءِ ڪورونا ويڪسين نه ڪرائيندڙ مسافرن کي ٽڪيٽ جاري نه ٿيندا.

ترجمان چيو ته 15 سيپٽمبر تائين گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڊوز لڳل مسافر کي سفر جي اجازت هوندي ۽ 15 آڪٽوبر تائين ٻئي ڊوز لڳل مسافر سفر ڪري سگهندا، جڏهن ته ويڪسين لڳرائڻ جي پابندي ريلوي جي عملي مٿان به ساڳي آهي.