15 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري: سرڪاري ڪمپنين کي ڪئپسٽي پئمنٽ ڇو ؟ وزيراعظم

0
26
15 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري: سرڪاري ڪمپنين کي ڪئپسٽي پئمنٽ ڇو ؟ وزيراعظم
15 آءِ پي پيز سان نون معاهدن جي منظوري: سرڪاري ڪمپنين کي ڪئپسٽي پئمنٽ ڇو ؟ وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا وڌيڪ 15 آءِ پي پيز سان نوَن معاهدن جي منظوري ڏئي ڇڏي، قومي ناڻي کي 500 ارب رپين کان وڌيڪ بچت ۽ بجلي 10 کان 11 رپيا في يونٽ سستي ٿيڻ جا امڪان ظاهر، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ خطاب دوران وزيراعظم پاران بجلي سستي ٿيڻ جي اُميد ظاهر ڪئي وئي، ڪابينا نارڪوٽڪس ڊويزن کي گهرو ڊويزن ۽ ايوي ايشن کي دفاعي ڊويزن ضم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز ۾ ترميم جي به منظوري ڏئي ڇڏي، وفاقي ڪابينا قومي ڪميشن فار اقليتي ايڪٽ 2024ع پارليامينٽ ۾ موڪلڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا ڊاڪٽر محمد بشير جي ٽيڪنيڪل انوائرنمينٽ ٽربيونل اسلام آباد جي ميمبر طور ملازمت جي مدي ۾ ڪانٽريڪٽ جي بنياد تي ٻن سالن جي واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم سرڪاري بجلي پيداواري ڪمپنيز  جي ڪئپسٽي  پئمينٽ تي سوال اٿاري ڇڏيو، وزيراعظم چيو آهي ته سرڪاري جنڪوز جو ڪهڙو ڪم آهي جو هو ڪئپسٽي پئمينٽ وٺن، اهي ته سرڪار جا منصوبا آهن، ڊالر ۾ ڪئپسٽي پئمينٽ  جي ادائگي هڪ وڏو مسئلو آهي، وزيراعظم چيو ته ٽاسڪ فورس 3 هزار ميگاواٽ جو هدف حاصل ڪري ورتو آهي، وڌيڪ وڏين ڪمپنيز سان ڪئپسٽي چارجز  جي معاملي تي ڳالهيون هلي رهيون آهن، عوام کي بجلي تي رليف ڏيڻ لاءِ  ترجيحي بنيادن تي ڪم ڪري رهيا  آهيون، جڏهن ته  آءِ پي پيز جي منافعي ۽ لاڳت ۾ 802 ارب رپين جي گهٽتائي جي تجويز منظوري ڪئي وئي. گذريل سالن جي اضافي منافعي جي مد ۾ آءِ پي پيز کان 35 ارب رپيا ڪٽوتي ڪئي ويندي. هن وقت تائين آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدن تحت صارفين کي انهن معاهدن جي قابل اطلاق رهڻ تائين حڪومت کي 1.4 کرب رپين جو فائدو ٿيندو، جنهن سان صارفين کي فائدو ٿيندو. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته آءِ پي پيز سان نظرثاني ٿيل معاهدو وڏي ڪاميابي آهي جنهن سان نه رڳو قومي خزاني ۾ بچت ٿيندي، گردشي قرض ختم ٿيندا پر بجلي جي قيمت ۾ به گهٽتائي ايندي.