ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر (اين ايچ پي سي) جي ڊائريڪٽر نديم خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن وقت 20 کان وڌيڪ بولر اهڙا مليا آهن جيڪي 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار کان به وڌيڪ اسپيڊ سان بولنگ ڪندا آهن. نيشنل هاءِ پرفارمنس سينٽر جي ڊائريڪٽر نديم خان جيو نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته 140 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان بولنگ ڪرائيندڙ نوجوانن جون عمريون 19 کان 24 سالن جي وچ ۾ آهن. هنن بولرز لاءِ ٻاهران هڪ ڊولپمنٽ ڪوچ جون خدمتون حاصل ڪنداسين، هنن کي گروم ڪيو ويندو ان طرح سان ايندڙ 10 سالن لاءِ پاڪستان جي فاسٽ بولنگ جو مسئلو حل ٿي ويندو.