حيدرآباد(رپورٽ: عظمت الله ڪنڀر) پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اڄ شوگر کان بچاءَ جو عالمي ڏينهن ملهايو پيو وڃي، هي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد شوگر جي بيماري سان ٿيندڙ پيچيدگين، علامتن ۽ بچاءُ  بابت آگاهي ۽ ڄاڻ فراهم ڪرڻ آهي، ڇاڪاڻ جو شوگر کي ٻين بيمارين جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ خطرناڪ سمجهيو ويندو آهي ۽ هي بيماري هڪ خاموش قاتل آهي، هي ڏهاڙو هر سال 14 نومبر تي ملهايو ويندو آهي، ڇاڪاڻ جو ان ڏينهن تي عظيم طبي ماهر فريڊرڪ بينٽنگ جو جنم ڏينهن آهي، جنهن 1922ع ۾  شوگر جي بيماري جي انسولين ويڪسين ايجاد ڪئي، هن سال شگر جي عالمي ڏينهن جي ٿيم “رڪاوٽون توڙڻ ۽ خال کي ختم ڪرڻ” آهي، جنهن جو مقصد شوگر يا ذيابيطس جي خطرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته شگر جي مرض ۾ مبتلا هر ماڻهو کي منصفاڻو، جامع، سستو ۽ اعليٰ معيار جو علاج ڏيڻ آهي، صحت جي عالمي ادارن تحقيق سان ثابت ڪيو آهي ته شوگر هڪ دائمي بيماري آهي، جيڪا ان وقت ٿيندي آهي جڏهن انساني جسم ۾ موجود لبلبو ڪافي انسولين پيدا ناهي ڪري سگهندو يا وري جسم انسولين کي چڱي طريقي سان استعمال ناهي ڪري سگهندو، عالمي ادارن پاران جاري انگن اکرن مطابق دنيا جا 24 ڪروڙ 60 لک ماڻهو شوگر جي بيماري ۾ مبتلا آهن، جڏهن ته مجموعي طور 6 سيڪڙو عالمي آبادي ان بيماري جو شڪار آهي، 1985ع ۾ دنيا ۾ 3 ڪروڙ ماڻهو شوگر جو شڪار هئا، جيڪو انگ 2000ع ۾ 15 ڪروڙ، 2003ع ۾ 19 ڪروڙ 40 لک ٿي ويو، 22 سالن ۾ شوگر جي مريضن ۾ 21 ڪروڙ جڏهن ته گذريل 7 سالن دوران 9 ڪروڙ 60 لک يعني 64 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، عالمي ادارن اهو به انڪشاف ڪيو آهي ته عالمي سطح تي هر سال 38 لک ماڻهو اب موتمار بيماري سبب موت جي منهن ۾ وڃن ٿا، جن جي عمر 20 کان 79 سال آهي، ڊبليو ايڇ او مطابق پاڪستان جي 31 سيڪڙو آبادي شوگر جي مرض ۾ مبتلا آهي، جيڪو هڪ ڳڻتي جوڳو انگ آهي، جنهن ۾ ڏينهن و ڏينهن اضافو ٿيندو پيو پيو، عالمي ادارن اهو به چيو ته دنيا ۾ شوگر جي مرض ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي پهچي ويو آهي، چين ۾ سڀ کان وڌيڪ 14 ڪروڙ ماڻهو شوگر جا مريَض آهن، ڀارت 7 ڪروڙ مريضن سان ٻئي ۽ پاڪستان 3 ڪروڙن مريضن سان ٽئين نمبر تي آهي، پر آباد جي لحاظ کان ڏٺو وڃي ته پاڪستان ۾ اضاف جي شرح وڌيڪ آهي، ڊبليو ايڇ او وارننگ ڏني آهي ته جيڪڏهن احتياط نه ڪيو ويو ته تمام جلد پاڪستان ۾ صورتحال سنگين ٿي ويندي.