ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ پوليس آفيسرن جي بدلين وارو معاملو تي توهين عدالت جي درخواست تي جواب جمع ڪرائڻ لا۽ چيف سيڪريٽري عدالت پهچي ويو, ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه چيو ته 138 اسسٽنٽ ڪمشنرز لاءِ گاڏيون ( ڊبل ڪيبن )خريد ڪرڻ وارو معاملو هاڻ عدالت ۾ آهي، هن چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز لاءِ گاڏيون خريد ڪرڻ بابت عدالت کي فيصلو ڪرڻ ڏيو. صحافي جي سوال تي چيف سيڪريٽري جواب ڏيندي چيو ته اسسٽنٽ ڪمشنرز کي گاڏيون ڏيڻ لاءِ سنڌ حڪومت وٽ ته گاڏيون ناهن.