تيرنهن هارائيندڙن کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس به ملوث آهن، ڦاهي ڏيو: ڪمشنر راولپنڊي

0
53
تيرنهن هارائيندڙن کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس به ملوث آهن، ڦاهي ڏيو: ڪمشنر راولپنڊي
تيرنهن هارائيندڙن کي ڌانڌلي ڪري کٽرايو، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس به ملوث آهن، ڦاهي ڏيو: ڪمشنر راولپنڊي

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا عام چونڊن ۾ ڌانڌلي جو اعتراف ڪندي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏئي ڇڏي، راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو ته چونڊن دوران راولپنڊي ڊويزن ۾ ناانصافي ٿي، اسان هارايل اميدوارن کي 50، 50 هزار جي ليڊ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو

راولپنڊي ڊويزن جا 13 ايم اين ايز (اميدوار) هارائي ويا هئا. انهن کي 70، 70 هزار جي ليڊ ڏياري ملڪ سان مذاق ڪيو ويو. منهنجا ماتحت اهو ڪم نه پيا ڪرڻ چاهين، پرزائيڊنگ آفيسر منهنجي سامهون روئي رهيا هئا

هن چيو ته راولپنڊي ڊويزن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلي جي ذميواري قبول ڪريان ٿو ۽ پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏيڻ جو اعلان ڪندي پنهنجو پاڻ کي پوليس حوالي ڪريان ٿو. هن چيو ته مون کي راولپنڊي جي ڪچهري چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي. هن چيو ته اليڪشن ۾ ٿيندڙ ڌانڌلي ۾ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان به ملوث آهن مون سان گڏ انهن کي به پنهنجي عهدن تان استعيفا ڏيڻ گهرجي ۽ مون سان گڏ انهن کي به چوڪ تي موت جي سزا ڏني وڃي

ڪمشنر راولپنڊي لياقت علي چٺا چيو  ته هن ملڪ سان غلط ڪم ڪيو ويو آهي، غلط ڪم ڪير ڪري رهيو آهي ۽ ڪنهن ڪرايو اها ڳالهه ڪنهن کان به ڳجهي ناهي، مون تي سوشل ميڊيا ۽ اوورسيز پاڪستانين جو دٻاءُ هيو، مان فجر جي نماز کانپوءِ خودڪشي جي ڪوشش ڪئي

پوءِ مون سوچيو ڇو نه اهي سڀ ڳالهيون عوام جي آڏو رکان. مان حرام جي موت ڇو مران، هن چيو ته تڪليف مان گذري رهيو آهيان ۽ سياسي ماڻهو شيرواني سبرائي منسٽر ٿيڻ لاءِ گهمي رهيا آهن. ملڪ جي پٺي ۾ چاقون هنيو ويو آهي جيڪو مون کي سمهڻ نٿو ڏئي. مان پنهنجي تڪليف جو بار لاهيندي سڪون جي موت مرڻ چاهيان ٿو