ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 13 سال پراڻي  چڪرا ڳوٺ ڪيس ۾ ايم ڪيو ايم لنڊن جي ٽارگيٽ ڪلر رئيس مما ۽ ٻين جوابدارن خلاف فيصلو محفوظ ڪري ورتو. فيصلو هلندڙ هفتي ٻڌائڻ جو امڪان آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران ڌرين جي وڪيلن پنهنجا حتمي دليل مڪمل ڪري ورتا. جوابدارن جي وڪيلن دليل ڏيندي چيو ته پراسيڪيوشن جوابدارن خلاف ثبوت پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي آهي، ٽرائل دوران ڪنهن به شاهد  رئيس مما جي سڃاڻپ ناهي ڪئي، جوابدارن کي ڪيس مان بري ڪيو وڃي. جڏهن ته سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته رئيس ماما 2011ع ۾ چڪرا ڳوٺ ۾ پوليس وين تي حملو ڪيو هو ته جيئن ڪورنگي ۾ پنهنجي دهشت برقرار رکي سگهي، فائرنگ جي نتيجي ۾ ريزرو پوليس جا 3 اهلڪار شهيد ۽ اهلڪارن سميت 27 ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، ڪيس ۾ رئيس مما، عمران لمبا، انعام، گل محمد، قاسم، عمير سميت 13 جوابدار گرفتار ٿيل آهن، جوابدارن خلاف زمان ٽائون ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪيو ويو هو.