لاس اينجلس(اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل اولمپڪس ڪميٽي ( او آءِ ٽي ) 2028ع ۾ لاس اينجلس ۾ شيڊيول اولمپڪس ۾ مرد ۽ عورتن جون 6، 6 ڪرڪيٽ ٽيمون شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ڪرڪيٽ کي آخري ڀيرو 1900ع ۾ پئرس اولمپڪس ۾ شامل ڪيو ويو هو ۽ هاڻي 128 ورهين کانپوءِ لاس اينجلس اولمپڪس ۾ان جي واپسي ٿي رهي آهي. لاس اينجلس اولمپڪس ۾ ڪرڪيٽ ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ کيڏي ويندي، ميگا ايونٽ ۾ مردن ۽ عورتن جون ڇهه، ڇهه ٽيمون هونديون جنهن لاءِ 90،90 رانديگرن جي ڪوٽا الاٽ ڪئي ويندي، مردن ۽ عورتن جي هر ٽيم 15، 15 رانديگرن تي ٻڌل هوندي. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل جا 12 فل ميمبر آهن، ايونٽ پروگرام اينڊ ايٿليٽ ڪوٽا جي منظوري آءِ او سي جي ايگزيڪٽيو بورڊ ڏني جڏهن ته لاس اينجلس اولمپڪس جي ڪرڪيٽ وينيوز بابت اڃا تائين فيصلو ناهي ڪيو ويو.
پاڪستان کي اولپمڪس مقابلن ۾ ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پئجي سگهي ٿو، ڇو ته موجوده آءِ سي سي رينڪنگ ۾ پاڪستان مينز ٽيم ستين ۽ وومينز ٽيم اٺين پوزيشن تي آهي جڏهن ته اولمپڪس ۾ آءِ سي سي رينڪنگ ۾ ٽاپ ڇهه ٽيمون ڪواليفاءِ ڪنديون، پاڪستان کي اولمپڪس ۾ڪواليفاءِ ڪرڻ لاءِ رينڪنگ سڌارڻي پوندي.