تل ابيب (م ڊ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ۽ ان جي اڳوڻي بچاءَ واري وزير يوآو گيلنٽ لاءِ دنيا تنگ ٿي وئي. 124 ملڪ عالمي عدالتي حڪمن تي عمل جا پابند بڻجي ويا. اسرائيلي وزيراعظم ۽ سندس اڳوڻي بچاءَ واري وزير دنيا ننڍڙي بڻجي وئي، عالمي فوجداري عدالت طرفان انهن ٻنهي جا گرفتاري وارنٽ جاري ٿيڻ کانپوءِ دنيا جا 120 کان وڌيڪ ملڪ هاڻي ان کي گرفتار ڪرڻ جا پابند بڻجي ويا آهن. فلسطينين جي نسل ڪشي تي عالمي فوجداري عدالت ٻنهي کي ڏوهاري قرار ڏئي چڪي آهي. شروعاتي اشارا ملي رهيا آهن ته يورپي ملڪن سميت ڪو به آءِ سي سي ميمبر گرفتاري وارنٽ کي نظرانداز نه ڪندو.