واشنگٽن(انٽريسٽنگ نيوز) جهاز ۾ جعلي فلائيٽ اٽينڊنٽ بڻجي 120 ڀيرا سفر ڪندڙ شخص گرفتار، خبر موجب هي واقعو شايد ڪنهن فلمي ڪهاڻي وانگر لڳندو هجي پر حقيقت ۾ اهو هڪ مثال بڻجي چڪو آهي جنهن ۾ هڪ آمريڪي ماڻهو جعلي فلائيٽ اٽينڊنٽ هجڻ جو بهانو ڪري  120 ڀيرا مفت جهازن جو سفر ڪيو .همراهه مشهور ايئر لائنز جي يونيفارم پهري جعلي شناختي ڪارڊ کڻي “ڊيوٽي تي فلائيٽ اٽينڊنٽ” هجڻ جو بهانو ڪري عملي سان گڏ جهاز ۾ سوار ٿيندو هو.حقيقت ۾، ڪجهه ايئر لائنز پنهنجي عملدار  کي الڳ ٽڪيٽ نه هجڻ جي ڪري ڊيوٽي تي اڏام لاءِ سيٽون فراهم ڪن ٿيون،.بهرحال هڪ بين الاقوامي پرواز دوران ڪجهه عملدارن کي شڪ ٿيو جڏهن شهري خاص طور تي پيشيوراڻي انداز ۾ نه ڳالهائي رهيو هو ۽ سندس دستاويزن ۾ تضاد هئا.جاچ کان پوءِ، اهو ظاهر ٿيو ته هن گهٽ ۾ گهٽ 120 ڀيرا مختلف رياستن ۽ ملڪن جو مفت سفر ڪيو هو.کيس جعلسازي سيڪيورٽي قانونن جي ڀڃڪڙي ۽ هوائي قانونن جي تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.