اسلام آباد (م ڊ) وفاقي گهرووزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته 12 يا 16 آگسٽ کانپوءِ اسان جي حڪومت ختم ٿي ويندي، جنهن کانپوءِ عبوري حڪومت ايندي، چونڊون ڪرائڻ عبوري حڪومت جو ڪم آهي. صحافين سان ڳالهائيندي راڻا ثناءُ الله چيو ته دهشتگردي ڪنٽرول کان ٻاهر ناهي ٿي پر دهشتگردي موجود آهي، شدت پسند رياست مخالف ڪارروائين ۾ مصروف آهن پر انهن خلاف هٿياربند فوج ۽ لاڳاپيل وزارت پنهنجا فرض انجام ڏئي رهي آهي، دهشتگردن جو ملڪ مان جلد خاتمو ڪيو ويندو. هن چيو ته ملڪ جي موجوده صورتحال جو ذميوار عمران خان آهي، سڀني اسٽيڪ هولڊرن کي وچ ۾ اچڻو پوندو.