ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾12 مئي سانحي واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران پراسيڪيوشن شاهد پيش نه ڪري سگهيو، عدالت شاهدن کي 17مئي تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ اڳوڻو گهرو صلاحڪار وسيم اختر، عمير صديقي ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته عدالت شريڪ جوابدار ذاڪر جي حاضري کان هڪ ڏينهن جي ِ ڇوٽ واري درخواست منظور ڪري ورتي، ياد رهي ته ايئرپورٽ پوليس 2007 ۾ جوابدارن خلاف 12 مئي سانحي جو ڪيس داخل ڪيو هو، پراسيڪيوشن موجب اڳوڻي گهرو صلاحڪار وسيم اختر ايم ڪيو ايم هيڊ ڪوارٽر نائن زيرو ۾ اجلاس ڪوٺائي روڊ بلاڪ ڪرڻ ۽ گهيراُ جي هدايت ڪئي هئي.