ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صحت کاتي جي اختيارين 12 ڊرگ انسپيڪٽرن کي 18هين گريڊ ۾ ترقي ڏئي ڇڏي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ترقي ماڻيندڙ غلام علي لاکو  کي ڪراچي سائوٿ، شهزاد حسين کي سينٽرل، عبدالحفيظ کي حيدرآباد، طاهر غفار کي ڪورنگي، صاحب ميراڻي کي لاڙڪاڻي،  خورشيد شيخ کي ميرپورخاص، ذاڪر سمون کي ملير، مشتاق سومرو کي شهيد بينظير آباد، ڌڻي بخش ڪولاچي کي سانگهڙ، شفيق شفيع کي سکر،  ساجد ميمڻ کي ڪراچي ويسٽ ۽ بلال آرائين کي ڊرگ ٽيسٽنگ ليبارٽري ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر مقرر ڪيو ويو آهي