ابوجا(انٽريسٽنگ نيوز) نائيجيريا جي هڪ عورت 11 ڏينهن اندر هٿن سان 1152 فٽ ۽ 5 انچ ڊگهي وگ ٺاهي عالمي رڪارڊ ٺاهي ورتو. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب عورت هيلن جو ان سلسلي ۾ چوڻ هو ته وارن جا 1000 بنڊل، وارن جي اسپري جا 12 ڪين، هيئر گلو جا 35 ٽيوب ۽ 6250 وارن جون ڪلپس استعمال ڪيو. هيلن وليم گنيز ورلڊ رڪارڊز کي ٻڌايو ته دنيا جي سڀ کان ڊگهي وگ ٺاهڻ لاءِ مواد هٿ ڪرڻ سولوڪم نه هو. وگ سازي جو تجربو هجڻ ڪري مون کي ان ڪارنامي ۾ تمام گهڻي مدد ملي. عورت موجب وگ سازي جي پيشي سان تقريبن 8 سالن کان لاڳاپيل آهيان ۽ هر هفتي 50 کان 300 وگون تيار ڪري وٺان ٿي. هن ٻڌايو ته ڪيترن ئي شاگردن جي تربيت پڻ ڪري رهي آهيان جڏهن ته هن وقت تائين هزارين وگون ٺاهي چڪي آهيان.