برازيليا (انٽرسٽنگ نيوز) برازيل جي 112 ورهين ج ڄمار واري شهري زائو مارينهو نيٽو کي دنيا جو ڪراڙو ترين مرد هجڻ جو اعزاز ملي ويو آهي. 25 نومبر تي دنيا جي پيرسن ترين شخص جان ٽينس ووڊ 112 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو هو. گنيز ورلڊ رڪارڊ موجب جان ٽينس ووڊ جي لاڏاڻي کان پوءِ 26 نومبر تي 112 ورهيه ۽ 52 ڏينهن جي ڄمار وارو زائو باضابطه طور دنيا جو سڀ کان وڏي ڄماروارو شخص بڻجي ويو آهي. زائو 5 آڪٽوبر 1912ع تي برزيل جي شهر ماراناگواپي ۾ ڄائو،هاڻي هو 1912ع ۾ پيدا ٿيندڙ واحد زنده مرد بچيو آهي. گنيز ورلڊ رڪارڊز موجب زائو هڪ هاري گھراڻي ۾ پيدا ٿيو ۽ چئن ورهين جي ڄمار ۾ ئي پنهنجي پيءُ سان گڏ ٻنين ۾ ڪم ڪرڻ لڳو هو، سندس ڪم مال جي سار سنڀال ڪرڻ۽ واڻن تان ميوا پٽڻ هوندو هو. سندس 6 ٻار جيئرا آهن جڏهن ته 22 پوٽا پوٽيون، 15 پڙ پوٽا، پڙ پوٽيون به آهن. زائو موجب سندس ڊگهي ڄمار جو راز سٺن ماڻهن سان گڏ رهڻ ۽ پنهنجي پيارن کي ويجھو رکڻ آهي. ياد رهي ته دنيا جي سڀ کام پيرسن ترين انسان جو اعزاز جاپان جي عورت ٽوميڪو ايٽوڪو وٽ آهي، جيڪا 23 مئي 1908 تي ڄائي ۽ سندس عمر 116 ورهيه آهي.